ملير پوليس جي 3 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (ڊ.ر) شرافي ڳوٺ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي، فيڪٽري مان سپلائي پهچائڻ واري گاڏين کان ڦر لٽ ڪندڙ ٽي رڪني گروپ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيندڙ جوابدار معيز، حمزه ۽ نويد فيڪٽري جا ملازم آهن، جيڪي پنهنجي فيڪٽري جي ئي گاڏين کان ڦر ۽ چوري ڪندا هئا، جن وٽان پوليس هڪ لک ايڪٽيهه هزار ڪيش، هٿيار، 2 موبائل فون، شناختي ڪارڊ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ايس ايس پي ملير عرفان سان ٿي ان جو چوڻ هو ته شرافي ڳوٺ ٿاڻي تي واپارين پاران فيڪٽري جو سامان شهر جي مختلف علائقن ۾ سپلائي کانپوءِ واپسي تي پئسا چوري ۽ ڦر لٽ بابت ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جڏهن گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ تفتيشي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جوابدارن وٽان هٿ آيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.