ثقافتي ڏهاڙو به ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي!سنڌ يونيورسٽي پاران 30 شاگردن کي نوٽيس

ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران يونيورسٽي اندر شاگردن پاران ملهايل ثقافتي ڏهاڙي تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ 30 شاگردن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، نوٽيس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاگردن 18 نومبر تي ملهايل ثقافتي ڏهاڙي تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن تحت يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ شاگردن کي يونيورسٽي پاران جوڙيل ڊسيپلين ڪميٽي آڏو پيش ٿي پنهنجا بيان ڏيڻ جو چيو ويو آهي، شوڪاز نوٽيس شاگردن جي والدين ڏانهن پڻ موڪليا ويا آهن، رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر يونس لغاري ٻڌايو ته 18 نومبر تي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، جنهن جي سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو هو ته شاگرد پنهنجي شعبن ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا، پر شاگردن يونيورسٽي ۾ ريليون ڪڍي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن تي شاگردن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، کين 30 نومبر تي ڊسيپلين ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي، سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس ۾ شاگرد جسونت راٺوڙ، هالار جمالي، فدا پنهور، جانب وساڻ، آڪاش لاکو ۽ ٻيا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.