معيشت بي ڀروسي، 88 ماڻهو روزگار کسجڻ جي ڊپ ۾ مبتلا

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستاني عوام مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۽ اهم خريدارين جي سلسلي ۾ غير يقيني جو شڪار آهن، اپسوس پاڪستان جي گلوبل ڪنزيومر ڪانفيڊنس انڊيڪس سروي موجب پاڪستانين جي ملڪي معيشت تي اعتماد ۾ 11 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڏٺي وئي، سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 91 سيڪڙو پاڪستانين کي گهريلو يا ذاتي شيون خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائيون آهن، وڌيڪ چيو ويو ته 85 سيڪڙو پاڪستانين سيڙپڪاري ۽ بچت ڪرڻ جي باري ۾ بي وسيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته 88 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ هو ته اهي روزگار کسجڻ جي خوف ۾ مبتلا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.