ڪراچي: وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ميڊيا ورڪر آپگهات ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ ميڊيا ورڪر پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو.

فيڊرل بي ايريا جي رهواسي فھيم مغل بيروزگاري ۽ معاشي تنگدستي سبب تنگ ٿي آپگهات ڪري.

پوليس موجب ڪجھه مھينا اڳ صحافي فھيم مغل کي ھڪ مقامي اخبار جي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو ھو، اداري مان ڪڍڻ کانپوءِ هن رڪشو هلائي گذر سفر شروع ڪيو، فھيم مغل بئنڪ مان 60 ھزار رپيا قرض کڻي رڪشو ورتو هو.

روز وڌندڙ مھنگائي ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب فهيم ڏاڍو پريشان ھو، جنھن جو اظھار ان ڪيترائي ڀيرا سوشل ميڊيا پوسٽن ذريعي پڻ ڪيو، هيٺ مهانگائي کان تنگ اچي هن انتهائي قدم کڻي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.