اوٻاوڙو سي پيڪ حملو، شهيد اهلڪار مٽي ماءُ حوالي

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد نورشاھ واري علائقي ۾ گذريل رات پڪٽ نمبر 15 سي پيڪ وٽ پوليس پڪٽ تي هٿياربندن جي حملي ۾ شهيد ٿيل نوجوان پوليس اهلڪار امانت علي ڌاريجو جي نماز جنازه اباڻي ڳوٺ خميسو چاچڙ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل، ريجررس جي ونگ ڪمانڊر، ڊي ايس پي، اوٻاوڙو ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد پوليس اهلڪارن پاران شھيد پوليس اهلڪار کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ سرڪاري اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي عمرطفيل صحافين سان ڳالهائيندي  چيو ته اسين اڄ ھڪ بهادر پوليس اهلڪار کان محروم ٿيا آھيون ۽ شهيد اھڪار جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون، ايس ايس پي عمرطفيل شهيد ٿيل نوجوان پوليس اھلڪارجي وارثن کي ٻه نوڪريون هڪ ڪروڙ روپيه روڪ ڏيڻ ۽ بيواهه کي 60 سالن تائين مڪمل پنشن ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.