ناميارو ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ ڪراچي ۾مٽيءَ ماءُ حوالي

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد ڊاڪٽر رسول ميمڻ 65 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي نماز ڪراچي جي علائقي سعدي ٽائون ۾ ادا ڪئي وئي، سندس  جنازي ۾اديبن، شاعرن، ليکڪن، ڪهاڻيڪارن  ۽ مرحوم جي گهر ڀاتين سميت  سول سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مرحوم کي سوين آلين اکين سان ماڊل ٽائون جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.  جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪندڙ اديبن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، تاج جويو، پروفيسر محمد علي پٺاڻ، اخلاق انصاري، رحمت پيرزادو، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ضياء ابڙو، سجاد ظهير سولنگي، طارق قريشي، شمشير سيلرو، مخدوم شمس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏات ڌڻين چيو ته ڊاڪٽر رسول ميمڻ جو وڇوڙو سنڌي ادب جو لا تلافي نقصان آهي. هن 32 ڪتاب شايع ڪيا. سندس پوئنرن ۾ هڪ بيوهه، ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. ڊاڪٽر رسول ميمڻ جي ياد ۾ 26 تاريخ تي ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ هڪ تعزيتي ريفرنس ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اديب ،شاعر ۽ ليکڪ سندس فن تي روشني وجهندا.

 

  • خيرپور ۾ رسول ميمڻ جي ياد ۾ ميڙاڪو، لفظن جي ڀيٽا

خيرپور( س ر)سنڌي ادبي سنگت پريالوءٍ پاران نامياري ڪھاڻيڪار رسول ميمڻ  ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻو اقبال سولنگي جي ياد ۾ ھڪ تعزيتي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ مقررن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي چيو رسول ميمڻ ھڪ منفرد ڪھاڻيڪارھو جنھن جي وفات سان سنڌي ادب خاص ڪري ڪھاڻي جي دنيا ۾ ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آھي جنھن جي ڀرجڻ لاء ڪافي وقت لڳندو ھنن چيو ته رسول ميمڻ ڪھاڻي ۽ ناول جا ڪافي ڪتاب ڏئي سنڌي ادب کي شاھوڪار ڪيو . مقررن اقبال سولنگيء تي ويچار ونڊيندي چيو اقبال سولنگي ڪتابن جو عاشق ھو خاص ڪري شخصيتن جون آتم ڪٿائون ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ اسلامي تاريخ جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق رکندڙ ھو گڏجاڻي ۾ سينيئر شاعر  استاد ڪندن لال ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر سجاد ميراڻي ، سعيد سنڌي ، وقار سرمد ، سميع سجاد ، ھريش ڌوميجا، ڪلياڻ ڪٽھڙا ۽ ٻين شرڪت ڪئي،آخر ۾ رسول ميمڻ ۽اقبال سولنگيء جي مغفرت لاء دعا پڻ گھري وئي.

  • رسول ميمڻ جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي سنگت پاران  سوڳ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاهه جوائنٽ  سيڪريٽري رخسانه پريت، خزانچي مارو جمالي، آڊيٽر سجاد ميراڻي ۽ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي گڏيل بيان ۾ نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، شاعر ۽ اديب رسول ميمڻ جي اوچتو وڇوڙي تي ڏک جو اظھار ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سمورين شاخن کي ھدايت ڪئي آھي ته سنڌي ادبي سنگت جون ٻيون سموريون ادبي سرگرميون معطل ڪري رسول ميمڻ جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺايا وڃن ۽ رسول ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي. ھنن چيو آھي ته رسول ميمڻ ناميارو ڪھاڻيڪار، ناول نگار، منفرد ليکڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سينيئر ساٿي ھو. رسول ميمڻ جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جو وڏو نقصان آھي،رسول ميمڻ جي وڇوڙي سبب ادب ، شاعري ۽ ڪھاڻي کيتر ۾ پيدا  ٿيل خال ڀرجي نه ٿو سگھجي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.