پيرو لاشاري ڀرسان ڇت ڪري پئي، هڪ فوت، ٻيو زخمي

پيرولاشاري ( ن ع آ ) پيرولاشاري شھر ويجھو رپ شھر ۾ رازڪو ڪم ڪندڙن مٿان اوچتو ڇت ڪري پئي ھڪ فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو ڳوٺ سنجر چانگ جورھواسي رازڪو ڪم ڪندڙ  16 سالا نوجوان عمران احمد پٽ حاجي خاصخيلي پيرولاشاري ويجھو رپ شھر ۾ مزدور رازڪو ڪم ڪري رھيو ھو ته او چتو گھر جي دروازي جي مٿان واري ڇت ڪري پوڻ سبب ھڪ ڄڻو موقعي تي فوت ۽ جڏھن ته ٻيو رازڪو ڪم ڪندڙ رپ شھر جو رھواسي 35 سالا نوجوان علي محمد پٽ محمدصاليح خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي انڊس اسپتال بدين نيو ويو جتان فسٽ ايڊ ڏئي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آھي جڏھن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.