ڏوڪري پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج

ڏوڪري  ( ن ع آ )  ڏوڪري پوليس خلاف ڳوٺ قادر بخش مگسي جي رهواسي سيف ﷲ مگسي جو ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو،ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سيف ﷲ مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري پوليس اسان جي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي حراسان ڪري رهي آهي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سروي نمبر 439, 440,441 ديھه وڪڙو ۾ آهي ۽ سروي نمبر 439 جي هڪ ايڪڙ 14 گهنٽا 1987 ۾ اسان جي ڏاڏي قادر بخش مگسي ڳوٺ آبادي لاءِ 11 سنتيون کڻي ڳوٺ آباد ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته بنا سبب جي پوليس حراسان ڪري رهي آهي جڏهن ته سروي نمبر 532 ڳوليمار ۽ سروي نمبر 320 پوليس کاتو ڏوڪري ديھه ۾ آهي. هن چيو ته ديھه وڪڙو ۽ ديھه ڏوڪري ۾ فرق آهي پوليس پنهنجي سروي نمبر تي وڃڻ بدران اسان جي سروي نمبر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺن.

  • ڏوڪري ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، خلق پريشان  

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري گيس انتظاميا پاران رڌ پچاءُ جي ٽائيم جي گيس جي فراهمي بند ڪري ڇڏي، گهريلو صارفين سخت پريشاني ۾ مبتيلا ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ ڏوڪري جي صارفين علي اصغر، ريحان احمد، اطهر علي ۽ ٻين ميڊيا آفيس ۾ پهچي صحافين اڳيان دانهندي چيو ته گيس انتظاميا شهر واسين سان ناجائزون ڪندي رڌ پچاءُ جي ٽائيم هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ سبب رڌ پچاءِ ڪرڻ ۾ ڪافي تڪليفن مان گذرڻو پوي ٿو.هنن چيو ته وقت تي رڌ پچاءُ نه ٿيڻ سبب مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ٿو. هنن مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

  • گهوٽڪي لڳ منگهن سائين جو ساليانو عرس

گهوٽڪي ( ڊ ر ) ضلعي جي عظيم صوفي بزرگ صوفي فقير سيد انور علي سائين جن جي محبوِب نظر فقير سائين منگھن سائين جن جو ساليانو 33ھون عرس مبارڪ ٿي گذريو، جنھن ۾ گھوٽڪي ضلعي سميت سموري ملڪ مان عقيدتمندن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، عرس مبارڪ جي شروعات ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ  محفل موسيقي ڪرائي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي نامياري فنڪارن،مھوال فقير چاچڙ،غالم سرور چانڊيو، منصور فقيربنگوار ۽ ٻين صوفياڻا ڪالم ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو، صبح جو درگاھ جي گادي نشين خوشدل فقير، علي حيدر فقير، عاشق فقير ۽ ٻين پڙ چاڙهيو، جنھن کانپوِءِ سڄي عالم انسانيت جي ڀلائي لاءِ  دعا گهري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.