اڪري ڀرسان ارڙي وگهي ٽن سالن جو ٻار فوت،ڪيترائي مبتلا

اڪري چودڳي ( ن ع آ)  اڪري ڀرسان ڳوٺ حاجي سومر هاليپوٽا۾ ارڙي جي وبا ڦهلجي ويئي آهي جنهن سبب  هڪ ئي خاندان جا ڪيترائي معصوم ٻار ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي وياارڙي جي بيماري وگهي 3 سالا بادشاھ ولد راجا مارواڙي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو  نينگر جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويوارڙي جي بيماري ۾ خاندان جا ٻيا معصوم ٻار جن ۾ سري ديوي،انيتا،باشا،ديپڪ ،ساگر سميت انيڪ ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن ڳوٺاڻن ،راجا،هرجي مل،بنومل ۽ويرو دانهيندي چيوتہ ارڙي ۽روبيلا جي ٽڪن مهم واريون ٽيمون پڻ سندن ڳوٺ ناهن پهچي سگهيون هوڏانهن ارڙي وگهي 3 سالا نينگر بادشاھ مارواڙي جي فوت ٿيڻ جون خبرون ميڊيا ۾ هلڻ بعد صحت کاتو جاڳي پيوٽي ايڇ او ڊاڪٽر نذر محمد راڄپر ۽يو سي او ڊاڪٽر فدا جلالاڻي جي اڳواڻي ۾ ٽيم متاثر ڳوٺ پهتي ڊاڪٽرن پاران ارڙي متاثر ڳوٺ جو دوروڪري مريض ٻارن جو معائنو ۽رت جا سمپل ورتا ۽ والدين کان تفصيل پڻ ورتاان موقعي تي ٽي ايڇ او فيض گنج ڊاڪٽر نظرحسين راڄپر ٻڌائيندي چيو تہ ٻارن جو معائنو ڪرڻ کان پوء ارڙي جون نشانيون نظر اچن پيون بخار ۽ کنگھ پڻ متاثر ٻارن کي آهي اسان اعلاج طور وٽامن اي جا ڪيپسول۽ پيراسيٽامول سيرپ دوا طور ڏني آهي ۽ اسان  متاثر ٻارن جي خون جانمونا ورتا آهن جيڪي اسان اسلام آباد ليبارٽري موڪليندا سين جتان تشخيص ٿيڻ بعد وڌيڪ اعلاج لاء قدم کنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.