تعليمي ادارن مان اڃان ڪيستائين شاگردياڻين جا لاش نڪرندا؟

سنڌ ۾ سياري جي مند شروع ٿيندي ئي شڪاري پکين کي مارڻ لاءِ نڪري پوندا آهن. هر سال سياري جي مند ۾ هتي ايئن ئي ٿئي ٿو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي پر هن سال ته پکين سان گڏ ڄڻ ماڻهن جي شڪار ڪرڻ جي به موسم آيل آهي.

اهو سنڌي سماج جنهن م نياڻي ست قراني جي چوڻي سمورن ماڻهن جي  سوچ جو نچوڙ هوندي هئي شايد اهو دور اسين گذاري آيا آهيون، هاڻي سماج  بگهڙن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي ، جيڪي معاشري ۾هم آهنگي، سهپ، توازن۽ رواداريءَ جي پرچارڪ ڪندڙ  ڪن ٿورڙن ماڻهن کان گهڻا طاقتور ٿي ويا آهن تڏهن ئي ته روز روز  اندر کي جهوريندڙ واقعا ٿي رهيا آهن،جيڪي ظاهر ٿا ڪن ته هي سماج هاڻي ڊهي رهيو آهي، سنڌ جون سموريون امين روايتون پاڙان اکڙجي ويون آهن،سمورا قدر لتاڙجي رهيا آهن..

لاڙڪاڻي جي مشهور چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گذريل ڏينهن هڪ وڌيڪ نياڻي نوشين ڪاظمي جو لاش مليو آهي.جنهن هڪ ڀيرو وري سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ته ان سان گڏ سوين سوالن کي پڻ اٿاريو آهي، شايد اهڙا ئي سوال هن کان اڳ به جڏهن نمرتا جو به لڳ ڀڳ ساڳي ئي طرح  لاش ملڻ تي پڻ پيدا ٿيا هئا. جن تي بظاهر ته سنڌ ۾ ڪافي بحث به هليو هو پر اختيارين انهن مان ڪن به سوالن تي گهڻو غور نه ڪيو هو ۽ ان جا ڪي اهڙا حل نه ڏنا جن سان اهڙي عمل کي روڪي سگهجي.

هن واردات  جي نوعيت به  اهڙي آهي جيڪا عام ماڻهوءَ کي هڪ صدمي۽ سڪتي ۾ ڌڪي ٿي ڇڏي.انهن مائٽن جي دل تان ڇا گذري هوندي جن جي جوان نياڻي جنهن کي هنن ڪيڏي نه لاڏ ڪوڏ مان پاليو هو.کيس ڊاڪٽر بڻائڻ جي لاءِ هن اداري ۾ داخل ڪرايو هو.جنهن جو هنن کي لاش به اهڙي طرح سان کڻڻو پيو پوي جنهن جو هنن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو، هنن جا ته اندر ئي ڇڄي پيا هوندا، هوش ئي وڃائجي ويا هوندا.

سوال هي آهي ته اهڙا واقعا ڇو ٿا ٿين؟ اهڙا واقعا اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ڇو ٿا ٿين؟ ڀلا اسان وڏين عمارتون تعمير ڪرائي اعليٰ تعليم جي نالي تي ڊگرين ڏيڻ جي لاءِ انهن ۾ درندن،بگهڙن ۽ وحشين کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي ؟

سنڌ  ۾هڪ ئي وقت  شڪاري،زرعي،قبائلي ۽ صنعتي سرشتي  جا اولڙا آهن، اسان وٽ گذري ويل وقت واري معاشري جي  اڻ لکيل  اصولن، ريتن،رسمن قانونن جو اثر موجود آهي،ان جي نسبت کان ڪٿي اسين عورت کي پسند نا پسند جي بنياد تي ڪنهن نه ڪنهن  بهاني سان ”ڪاري“ قرار ڏئي هن کان زندگيءَ جو حق ڦريون ٿا، ته وري ڪٿي مڙس يا مرد هئڻ جي بنياد تي هن کي هڪ مڪمل انسان جو درجو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهيون.

سنڌ ۾ اڃان ٿورو ئي عرصو اڳ اهو خيال هوندو هو ته نياڻي کي انگريزي يا وڌيڪ پڙهائڻ سان هوءَ خراب بڻجي ٿي وڃي. ان ۾ به سمورو ڏوهه ان مرد جو ئي آهي پر اهو  عورت کي اڳيان نڪرڻ کان روڪڻ جو بهانو هو. ڇا هي به عورت کي تعليم کان روڪڻ جو هڪ بهانو آهي ؟

واقعي جي تفصيل موجب نوشين ڪاظمي جيڪا ميڊيڪل جي چوٿين سال جي شاگردياڻي هئي ان جو هاسٽل جي ڪمري مان لاش مليو آهي.لاش کي ڏسي هاسٽل جي شاگردياڻين هانوءُ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون جنهن تي اها خبر سموري سنڌ ۾ پکڙجي وئي.اداري جي انتظاميه ۽ پوليس جا اعليٰ عملدار پهتا. جن نياڻي جي والد جي پهچڻ جي انتظار ڪيو جيڪي ڪجهه ڪلاڪن بعد پهتا جنهن کانپوءِ نياڻي جو لاش پکي مان لاٿو ويو. واقعي کانپوءِ پوليس ڏوهه جي سبب کي سمجهڻ جي لاءِ مختلف ماڻهن ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين جا بيان ورتا آهن.لاش جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪري پئي ۽ لاڳاپيل شيون تحويل ۾ ورتيون آهن

اطلاعن موجب هاسٽل جي وارڊن لبنيٰ قريشي موڪل تي هئي.واقعي جي فرانزڪ ٽيسٽ جي لاءِ لاڳاپل شيون ليبارٽري موڪليون ويون آهن.لاڙڪاڻو پوليس جي حڪم تي واردات وارو ڪمرو سيل ڪري ان ٻاهران ليڊي اهلڪارن کي بيهاري ڇڏيو آهي.

نوشين ڪاظمي جو روم ۾ ٽنگيل لاش هٿ اچڻ کان پوءِ ڪاليج جون شاگردياڻيون سڄو ڏينهن هاسٽل ٻاهريان خوف ۾ ورتل نظر پئي آيون. لاش روم مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ٻاهر آندو ويو ته  شاگردياڻين دانهون ڪيون ته آخر ڪيسيتائين اڃان درسگاهن مان نياڻين جا لاش ڪڍيا ويندا؟

اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻين جي اهڙي قسم جي خودشين جا واقعا نه رڳو اسان جي انهن ادارن جي سربراهن پر خود سنڌ سرڪار جي اعليٰ عملدارن جي ڪارڪردگيءَ تي وڏو سوال آهن.

هر اداري جي لاءِ ان جو سربراهه ئي اتي ٿيندڙ عملن جي لاءِ ذميوار هوندو آهي، تنهنڪري هاڻوڪي واقعي مان پڻ اداري جي اختيارين کي ڪنهن به ريت آجو نٿو ڪري سگهجي.

اسان سنڌ سرڪار، سياسي سماجي ڌرين ،ساڃاهه وندن کي گذارش ڪريون ٿا ته هن اهم معاملي ڏانهن گهربل ڌيان ڏئي ان جي اصل سببن کي ڳولي انهن کي ختم ڪيو وڃي، جيئن اسين هڪ سک ڀرئي معاشري  ڏانهن قدم کڻي سگهون، جتي ڪنهن سان ڪو ظلم نه ٿئي. ڪا نياڻي ڪنهن اعليٰ تعليم اداري ۾يا ڪا نياڻيءَ ٿر جي ڪنهن ڀٽ تي  ڪنهن امڪاني خوف سبب پنهنجي زندگيءَ ختم نه ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.