نوشين ڪاظمي جي خودڪشي يا قتل: پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟

تحرير؛مسرور سيال

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اتر سنڌ جو اڪيلو پراڻو ميڊيڪل ڪاليج آھي جيڪو ھاڻ شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي آھي . ھتان ھزارين مسيحا تيار ٿي نڪري چڪا آھن ۽ تيار ٿي رھيا آھن ھي طب جو اھو تعليمي ادارو آھي جيڪو ماضي ۾ وڏي ساک رکندڙ رھيو آھي ھن وقت به بھترين ميڊيڪل ڪاليجن مان ھڪ آھي . سياسي ڪلچر ھن اداري کي به اڏوھي جيان کائي کوکلو ڪري رھيو آھي ته وري  ڪجھه استادن ۽ شاگردن جي بي راھه روي ، غير اخلاقي حرڪتن سبب تعليمي ماحول ۾ بگاڙ آڻيندڙ رھيو آھي . خاص ڪري نياڻين سان ڪيترائي مسئلا آهن، نه رڳو سي ايم سي لاڙڪاڻو پر سنڌ جي  سمورن تعليمي ادارن ۾ اھڙا واقعا ٿيندا رھيا آھن.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٻن سالن کان پوءِ ھي ٻيو واقعو آھي ان کان اڳ ھندو نياڻي نمرتا جو آپگھاتي واقعو سامھون آيو ھو جيڪو پڻ ھاءِ پروفائيل ڪيس بڻيو ھو جڏھن ته 3 سال اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ نائله رند  ھاڻي وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي  ھڪ نياڻي جو ھاسٽل  جي ڪمري نمبر  46 ۾ پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو آھي لاش تيستائين ٽنگيل رھيو جيستائين سندس وارث نه پھتا !

ھيءَ نياڻي ايم بي بي ايس چوٿين سال جي شاگردياڻي ھئي سندس واسطو دادو سان آھي پر وڏي ڳالھه ته ھي سنڌ جي جڳ مشھور عوامي شاعر استاد بخاري جي ڏوھٽي آھي نوشين ڪاظمي دادو واسي سيد  ھدايت الله شاهه ڪاظمي  جي نياڻي ۽ استاد بخاري جي ڌيءُ جيڪا اسسٽنٽ پروفيسر آھي تنهن جي نياڻي آھي . نوشين ڪاظمي جي مبينه خودڪشي ڪيترائي سوال کڙا ڪيا آھن ! ھي خودڪشي آھي يا قتل ؟

پھريون سوال ھي آھي ته نوشين ڪاظمي جو ھٿ اکرين ٻن سٽن جو خط به مليو آهي جنھن ۾ ھن چيو آھي ته "خودڪشي پنھنجي مرضي سان ڪري رھي آھيان ھن جو ٻيو ڪو ذميوار ناھي ! ” ھي جملا به خودڪشي جا ڪارڻ تلاش ڪرڻ ۽ قاتل جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڄڻ اپيل ڪندڙ  ھجن . نوشين ڪاظمي جي چال چلت بابت سندس ڪلاسي ۽ روم ميٽ  سھيليون ٻڌائن پيون ته ھوءَ بااخلاق ۽ باڪردار نياڻي ھئي جڏھن ته سندس بھترين ڪردار جي گواھي ته دادو واسي پاڙيسري به ڏين ٿا . ائين به ناھي ته مالڪ سندس پرگھور نه لھندا ھجن خاندان لکيو پڙھيو تعليم يافته ڇا پرھن گهر جا فرد ته  تعليمدان به رھندا پيا اچن .

والدين پاران خودڪشي واري عمل کان انڪار ڪيو ويوآهي. سندن چوڻ آهي ته” ٿي ئي نٿو سگھي ته نوشين خودڪشي ڪري ! ” تنھن جي معنيٰ ته مامرو ضرور ڪو ٻيو آھي جنھن سبب ھي واقعو ٿيو آھي ھاڻي اھا خبر ته مڪمل جاچ ٿيڻ کان پوءِ پوندي پر ھتي سوال آھي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي ھاسٽلن ۾  ڇا ھي خودڪشين جا واقعا انھن يونيورسٽيز ۽ ڪاليجن جي انتظامي ڪمزورين ، نااھلين جو سبب نه آھن ؟  جيڪڏھن آھن ته پوءِ اھڙن واقعن جي  ذميواري کان کين آجو ڪيئن سمجھيو ويندو، حقيقت ۾ اصل جاچ ته ان اداري جي  انتظاميا کان شروع ٿيڻ گھرجي . ادارن جي انتظاميا ھر واقعو خودڪشي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي جڏھن ته اصل مامري کي لڪايو ويندو آھي جڏھن جاچ ٿيندي آھي ته اصل ڳالھيون کلي سامھون اينديون آھن جيئن نمرتا ۽ نائله رند ڪيس ۾ حقيقتون آڏو آيون ھيون ھاڻي نوشين ڪاظمي  جي مبينه خودڪشي  کي به  خودڪشي چئي اصل حقيقتن کي  لڪايو  پيو  وڃي .  استاد بخاري چوڻي ته

وڌا وات ۾ ڇو اٿئي مُڱ زمانا،

ستايو غريبن کي ڪنھن آ سچي ڪر،

ڇڏي ڏي اجايا سجايا بھانا،

حقيقت کڻي اچ ته، کيرئون اڇي ڪر!

نوشين ڪاظمي کي دادو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي جڏھن ته  پوسٽ مارٽم رپورٽ جي شروعاتي رپورٽ به اچي  وئي آهي . شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پاران يونيورسٽي ۽ ماتحت ڪاليج بند ڪيا ويا آهن ، امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن پر شاگردن ۽ شاگردياڻين مان خوف ڪئين نڪري سگھي ٿو ؟ خاص ڪري شاگردياڻين لاءِ ته وڏا اُلڪا اڀري آيا آھن. والدين اھو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ته اسين نياڻيون پڙھڻ لاءِ موڪليون ٿا مرڻ لاءِ ته نه ؟

جيڪڏھن اھو به مڃجي ته موت ڦاھي سبب ٿيو آهي جئين شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به آيو آھي ته ڇا ھن ڦاھي جا ڪارڻ نه ھوندا ! بلڪل ڏسڻا ته اُھي ڪارڻ ئي آھن . ھاڻي ڏسجي ته جاچ ڪندڙ ڪاميٽي ان مامري جي تھه تائين ڪئين ٿي پھچي ۽ حقيقتن کي ظاھر ڪيئن ٿي ڪري ، ڏسجي ته ھن جو ظاھر ٿيڻ  ان ڪري به ضروري آھي ته جئين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي احتياط ڪرڻ جو رستو اختيار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ۽ والدين ۾ پيدا ٿيل بي چيني جو پڻ خاتمو ٿي سگھي اھڙي طرح جيڪڏھن ھي قتل آھي ته پوءِ قاتل قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگھن . خودڪشي ثابت ٿئي ٿي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سميت ھر تعليمي اداري کي  گھرجي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو نفسياتي ماھرن کان چيڪ اپ ڪرائن ته جئين اڳتي لاءِ  اھڙا واقعا نه ٿي سگھن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.