ميڊيڪل يونيورسٽي تحت هلندڙ ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو واپس

لاڙڪاڻو: شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر نوشين واري واقعي کان پوءِ ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن. وي سي طرفان يونيورسٽي سان لاڳاپيل تعليمي ادارن کي بند ڻ ۽ هاسٽل سيل ڪرڻ وارو سرڪيولر جاري ڪري شاگردن جي احتجاج ۽ دٻاءُ ۾ اچي 24 ڪلاڪن بعد واپس وٺي ڇڏيو آهي يونيورسٽي جي رجسٽرار سيد قرارو شاهه طرفان جاري ڪيل سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته يونيورسٽي جي ماتحت تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي جنهن ڪري هاڻي سمورا تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا. ٻئي پاسي يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي فيصلي کان پوءِ هاسٽلن ۾ ترسيل ڪيتريون ئي شاگردياڻيون ۽ شاگرد پنهنجو سامان کڻائي پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا ويا آهن. شاگردن ۽ شاگردياڻين يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي فيصلي جي مذمت ڪندي ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي نمرتا واقعي وانگر ڊاڪٽر نوشين جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.