سپريم ڪورٽ چانڊڪا واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ مرڪزي خزانچي مٺا خان لاشاري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان ذهين شاگردياڻي سيده نوشين جو لاش هٿ اچڻ لڱ ڪانڊاريندڙ افسوسناڪ واقعو آهي، نمرتا ۽ نائلا رند جهڙين شاگردياڻين سان انصاف ٿئي ها ته نوشين جو لاش نه ملي هاهنن چيو ته اڳ ۾ ئي نياڻين لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن، نمرتا سان انصاف ٿيو ۽ نه ئي وري هاسٽل کي نياڻين لاءِ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪاليج انتظاميه ڪي جوڳا بندوبست ڪيا. سنڌ سرڪار کان انصاف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. هن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي سيده نوشين جي لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.