ميرپور بٺوري: انتظاميا جي بي ڌياني سبب پبلڪ پارڪ گندگي جي ور ڇڙهي ويو

ميرپور بٺوري جو پبلڪ پارڪ انتظاميا جي بي ڌياني سبب گندگي جي ور چڙهي ويو.

ميرپور مٺوري جي احمد شاهه چوڪ وٽ شهرين جي تفريح لاءِ  قائم ڪيل پبلڪ پارڪ ٽائون انتظاميا جي بي ڌياني سبب اجڙي ويو، پارڪ جي سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري پارڪ اڳيان گند جا ڍير لڳي ويا جڏهن ته مالهي مقرر هجڻ باوجود پارڪ جا ٻوٽا سڙي ختم ٿي ويا آهن.

پارڪ جي سار سنڀال ڪرڻ بدران ڪچرو پارڪ اڳيان اڇلايو پيو وڃي پر انتظاميا پاران ڪو به ايڪشن نه پيو ورتو وڃي ۽ نه ئي پارڪ جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته پارڪ  کي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.