قاضي احمد: نوشين ڪاظمي جي پراسرار موت خلاف ۽  ناظم جوکيو،  فهميده سيال جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ احتجاج

قاضي احمد ۾ سول سوسائٽي پاران شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي پراسرار موت، فھميده سيال جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ناظم جوکيو  جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن غلام شبير ملنگ جتوئي. مولانا احسان الله چانڊيو. ڊاڪٽر شبير چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ اندر ظلم جي انتھا آھي روزانو بيگناھ ماڻھو قتل ٿي رھيا آھن.

ھنن چيو ته چانڊڪا ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي کي سازش تحت قتل ڪيو ويو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، شاگردياڻي جي موت جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته فهميده سيال ۽ ناظم جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.