ميهڙ ۾ سماجي اڳواڻ جو 41 هين ڏينهن به احتجاج هلندڙ

ميھڙ (س ر)سماجي اڳواڻ انور ملاح جو 41 ڏينهن به بااثر قبضا مافيا خلاف احتجاج جاري انصاف ۽ تحفظ جي گهر سماجي اڳواڻ  ڪامريڊ انور ملاح ميهڙ پريس ڪلب تي پھچي 41ڏينهن به سخت احتجاج ڪندي چيو ته بااثر افتخار چوڌري ،رمضان بروھي جمع خان بروهي نعيم بروهي ۽ فيضو بروهي ناريجا ورڪشاپ ھوسڙي ۾ پوليس ۽ غنڊن جي مدد سان منھنجي ڀاءُ جي پلاٽ تي قبضو ڪيو آھي منهجو ڀاءُ گذريل 35 سالن کان رھندڙ آھي ان جي پلاٽ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي ھن آئي جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد کي تدارڪ ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ته پلاٽ ته قبضو ڪندڙ قبضا خورن کي گرفتار ڪري منھنجي ڀاء کي تحفظ ڏئي پلاٽ زمين واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.