سکر ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ لائبريري ثقافت سنڌ لائبريري جو دورو ڪيو

سکر( رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ لائبريري ثقافت سنڌ نزاڪت علي فاضلاڻي ڪلچرل ڪامپليڪس سکر پهچي ڪامپليڪس ۾ قائم رحيمداد خان مولائي شيدائي پبلڪ لائبريري جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪلچر سکر امتياز علي ميمڻ لائبريري ۾ ريڊنگ روم، ڊجيٽل لائبريري، سي ايس ايس اسٽيڊي روم، سيمينار هال ۽ ٻين شعبن جو دورو ڪرائيندي تفصيل کان آگاهه ڪيو. ا ن موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل لائبريري نزاڪت علي فاضلاڻي چيو ته لائبريري لاءِ جلد سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو ته جئين شاگردن کي بجلي جي لوڊشيڊنگ مان ڇٽڪارو ملي سگهي ۽ هو پنهنجي تعليم ۽ ريڊنگ لاءِ فائدو وٺي سگهن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل لائبريري نزاڪت علي فاضلاڻي ٻوٽو پڻ پوکيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.