آمري ڀرسان  ڪار جي ٽڪر ۾ واٽھڙو نوجوان  فوت

مانجهند (ن ع آ) آمري ڀرسان   تيز رفتار ڪار جي زوردار ٽڪر ۾  35 ورھين جو آمري واسي  نديم پٽ الله بخش سولنگي موقعي تي  چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏھن ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي رهيو هو ت مانجهند پوليس ناڪابندي ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار تحويل ۾ وٺي آمري پوليس حوالي ڪيو هوڏانهن نوجوان جي اچانڪ فوتگي جي   اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو نوجوان جي لاش کي مقامي هيلٿ سينٽر مان پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.