گمبٽ مان مبينا اغوا ڪيل ناري آزاد نه ٿي، وارثن جو احتجاج

سوڀوديرو (ن ع آ) گمبٽ مان گم ڪيل نوجوان ناري سويرا کھڙو  جي بازيابي لاء اڄ به ڳوٺ ڪوڙل کھڙو  ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنهن م معصوم ٻارڙن قرآن پاڪ  کڻي احتجاج ڪيو،    لعل بخش کھڙو، محمد راشد ،علي حسن کھڙو، ممتاز حسين ، عبدالجبار ، حافظ بلاول ڏيسي ۽ ٻين احتجاج ڪيو . مظاھرين چيو ته افسوس سورھن ڏينهن اڳ گمبٽ مان اسان جي نياڻي اغوا ڪئي وئي آهي مگر ھن وقت تائين ڪو ڏس پتو نه پيو آهي ، اسان پريشان حال آھيون ـ پر پوليس ۽ ٻيا ادارا خاموش آهن، اسان جي گھرن م قھرام متل آھي  پر افسوس ڪو مالڪي ڪرڻ وارو ڪونهي، ھنن چيو ته اگر سويرا کھڙو  بازياب نه ٿي ت27 نومبر ڇنڇر تي گمبٽ م ڌرڻو ھنيو ويندو ۽ سويرا جي بازيابي تائين جاري رھندو ، جڏهن ته سويرا کھڙو  جي پٽيشن تي ھاء ڪورٽ سکر ڊي آء جي سکر کي حڪم ڏنو جلد ڪنهن ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري نياڻيءَ کي بازياب ڪرايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.