مخدوم امين فهيم جو آخري ڏوراپو!

تحرير؛ عبدالوهاب منشي

ڪيتري نه تيزيءَ سان وقت گذري رهيو آهي. ڪالهھ مخدوم خاندان جي ھڪ اھم فرد سان ڳالھه ٻولهه ٿي، ته هن ٻڌايو ته اڄ پ پ جي بنيادي اڳواڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي وفادار سپاهي مخدوم امين فهيم جي ڇهين ورسي آهي پر نڪو پارٽي نڪو قيادت طرفان ورسي ملھائي نڪو وري ڪو ورسي جي نسبت سان ڪو تعزيتي بيان جاري ڪيو ويو،ھن ڳالهايو پئي ته مون ھن کي وڏي غور سان پي ٻڌو ۽ دل ۾ سوچيم تي ھنن کي ڪھڙو لاچار آهي جو مخدوم  صاحب تي ڪو تعزيتي ريفرنس ڪوٺائيندا!

مخدوم امين فهيم پنهنجي ذات ۾ هڪ سچو، منفرد ۽ بهترين نفيس انسان هو. هو مخدوم ٿي ڪري پنهنجي شخصيت ۾ عاجز هو. مخدوم امين فهيم سان منهنجي پهرين ملاقات ڪنگري هائوس تي پير سائين شاهه مردان شاهه پير پاڳاري وٽ ٿي هئي.

پير سائين شاهه مردان شاهه ۽ مخدوم امين فهيم جو پيار ۽ عزت جي رشتي تي جيڪڏهن ويهي لکجي ته ڪيترائي ڪتاب جڙي پوندا. سنڌ جون ٻه گاديون جيڪڏهن پاڻ ۾ ملي وڃن ها ته يقينن اُهو سنڌ جي لاءِ هڪ وڏو روشن ۽ سنهري دور هجي ها. پر مخدوم امين فهيم جو پ پ ۽ ڀٽو خاندان سان عشق هو، ان ئي هن کي پنهنجي پارٽيءَ سان بغاوت جو آخري وقت تائين قدم کڻڻ نه ڏنو. هر ظلم ۽ ستم کي برداشت ڪرڻ جي باوجود، مخدوم امين فهيم موت جي بستري تي به پ پ کي ڇڏڻ جو نه سوچيو. جڏهن ته محترمه جي شهادت کان پوءِ مخدوم امين فهيم سان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪهڙو ستم ۽ ناانصافي نه ڪئي هئي؟ جنهن تي ڪڏهن تفصيلات سان لکبو ته جهنگ ۾ باهه الڳ لڳي ويندي.

مخدوم امين فهيم مون کي پهريون ڀيرو ڪراچي ريس ڪورس ۾ پير صاحب پاڳاري وٽ ٻڌايو هو ته هو ۽ سندس والد مرحوم مخدوم طالب الموليٰ جو منشي خاندان سان گذريل 50 ورهيه پراڻو واسطو ۽ تعلق هو. پر جڏهن مخدوم امين فهيم جوان هو، منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشي ۽ هن جو پ پ جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڊي ڪنونشن ۾ هن سان تعلق جڙيو. بابا سائين، ذوالفقار علي ڀٽو جو جيالو هو، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي والد جي چاچي مرحوم عبدالشڪور منشيءَ جو ذاتي دوست هو. 1965ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب سنڌ لاءِ ڪاليج ۾ visiting professor هو ته اڪثر اسان جي گهر جي سامهون لا ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ايندو هو، تڏهن منشي هائوس تي مرحوم عبدالشڪور منشي جي آفيس ۾ اچڻ ٿيندو رهندو هو. پنڊي ڪنونشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سامهون منهنجي والد جيڪو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو، اُهو ڪنهن کان لڪل نه هو. اهو مخدوم صاحب کي محفلن ۾ ڏسي مون کي اڪثر ياد ايندو هو.

مخدوم صاحب جون پ پ جي لاءِ وڏيون تاريخ ساز قربانيون هيون، پر هن کي ڪڏهن به پنهنجي وفائن جو ثمر نه مليو. آخر ۾ هن سان قيادت جيڪو رويو رکيو، اُن بابت ڪنهن سوچيو به نه هو. اسان جي ياداشت گهڻي ڪمزور آهي، اسان ڪجهه سوچيون ته ڪهڙي نموني هن کي بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ الڳ ڪيو ويو! ڪهڙي نموني پ پ جي پارليامينٽري پارٽيءَ جي قيادت هن کان ورتي وئي. ايستائين جو سائوٿ سٽي اسپتال ۾ سندس پارٽي قيادت هن جي عيادت ڪرڻ به نه پهتي.

جڏهن ته موجوده پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه پهريون شخص هو، جيڪو عيادت لاءِ اُتي پهتو هو. ڏک درد، راز و نياز ۽ ڏوراپن واريون جيڪي ڳالهيون سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٿيون، اُن جو هڪ گواهه الله تعاليٰ ۽ ٻيا پير صاحب پاڳارو، مخدوم امين فهيم ۽ سندس پٽ مخدوم جميل الزمان هئا. مان لکڻ تي ويهان ته گهڻو ڪجهه لکي سگهان ٿو ته ڪهڙي نموني هالا حويلي ۾ منهنجو هٿ جهلي مخدوم امين فهيم اڌ ڪلاڪ بيهي، مون کي پنهنجي پارٽيءَ جي رويي بابت، جسٽس سيد ديدار حسين شاهه ۽ ٻين ماڻهن جي سامهون پنهنجي درد ۽ ظلم جو داستان ٻڌايو. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مخدوم امين فهيم جو سنڌيءَ ۾ لکيل اهو شعر پنهنجي پارٽي لاءِ ڏوراپي کان گهٽ ناهي ته،” اڄ بي وفا سان وفا ڪري ڏسنداسين، اها خطا بار بار ڪري ڏسنداسين.“ ان شعر کي پڙهڻ کان پوءِ اسان خود فيصلو ڪري سگهون ٿا ته، زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ مخدوم امين فهيم ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو هو. پر فيصلو ڪرڻ وارا اسان ڪير ٿيندا آهيون. اهو فيصلو ته رب تعاليٰ پاڻ ڪندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بي گناهه شهادت، شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي شهيد ڪرڻ، مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي ڀيڻ جي حڪومتي دور ۾ گهر جي سامهون ڪهڙي نموني گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جو پنڊيءَ ۾ بيگناهه قتل، بيگم نصرت ڀٽو جي اذيت ڀري زندگي ۽ آخر ۾ مخدوم امين فهيم سان اختيار ڪيل رويو، اُن جو فيصلو الله جي بارگاهه ۾ ٿيندو.

مخدوم امين فهيم هڪ هو، اهڙو ٻيهر پيدا نه ٿيندو. اسان رب پاڪ جي بارگاهه ۾ هالا حويلي جي خوشحالي ۽ مخدوم امين فهيم جي مغفرت جي لاءِ دعاگو آهيون. رب پاڪ هن جي ولي عهد مخدوم جميل الزمان ۽ ان جي خاندان کي سندس رستي تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڇو ته مخدوم امين فهيم جو رستو سچ ۽ ڪنڊن سان ڀريل رستو هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.