ويڪسينيٽرن جي ڪراچي ۾ 23هين ڏينهن به بک هڙتال،انتظاميا لڙي نه آئي

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌ جي ويڪسنيٽرن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 23 هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي،ان موقعي اڳواڻن مولابخش چانڊيو،خدا بخش قريشي،غياث الدين،الله بخش سنگراسي،نصرالله ميمڻ، نثار منگي، ۽ ٻين چيو ته  سنڌ حڪومت ويڪسينيٽرن سان مسلسل ناجائزي ڪري رهي آهي، روبيلا فنڊ هڙپ ڪرڻ لاءِ نان ٽيڪنيڪل ماڻهن کان مهم شروع ڪرائي وئي آهي ۽ جنهن طريقي سان علائقي ۾ ويڪسينيشن ڪري رهيا آهن انهن جون وڊيوز ۽ تصويرون به کاتي تائين پهچي ويون آهن پر انهن تي ڪو به اثر نٿو پئي هنن کي ڪنهن ٻار جي زندگي جو به احساس ناهي ۽ اسان اهو واضح چيو ڇڏيو آهي ته هن مهم جيڪو به ٻارن جو نقصان ٿيندو ذميواري سنڌ حڪومت هوندي،سنڌ حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ اسان کي بحال نه ڪرڻ جو مقصد روبيلا مهم جو فنڊ هڙپ ڪرڻ آهي، هنن چيو ته اسان جي تحريڪ جاري آهي جيستائين جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويندا اسان ڌرڻي تي ويٺا هونداسين، ان موقعي تي رانا محمد طاهر راجپوت، نظر محمد ڏيٿو ۽ اصغر چانڊيو به موجود هئا،هوڏانهن ويڪسينيٽرويلفيئر ايسوسيئيشن پاران پنهنجي وڪيل اشرف علي ميراڻي معرفت صحت کاتي جي سيڪريٽري، ڊي جي هيلٿ حيدرآباد، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اي پي آءِ سنڌ ڪراچي، ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي قانوني نوٽيس موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويوآهي ته وي ڊبليو اي پاران پيش ڪيل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪرڻ بدران روبيلا ۽ ارڙي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل مهم ۾ غيرتربيت ماڻهو رکيا ويا آهن جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي ڪجهه ٿيو ته ان جي سموري ذميواري توهان تي هوندي، 27 نومبر تائين هلندڙ مهم ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار فوت ٿيو ته ان جا ذميوار توهان هوندا، ڇو ته ويڪسينيٽر هڙتال تي ويٺل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.