آڊيو ٽيپن ۾ ججن جا نالا ڊرامو آهن، عدليه ۽ فوج کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته  لنڊن ۾ چوري جي پئسن مان فليٽس خريد ڪندڙ رسيدون پيش ڪرڻ بدران عدليه۽ فوج سميت ادارن جي خلاف مهم هلائي رهيا آهن، ڪوڙ ڳالهائي ملڪ ڇڏيندڙ سزا يافته شخص تقرير ڪندو آهي، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت 40 لک خاندانن کي بنا وياج جي قرض ڏينداسين، ملڪ تي ڪورونا جي ڪري مشڪل وقت آهي ۽ سڄي دنيا ۾ شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي هتي ڪامياب جوان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2016ع ۾ آف شور ڪمپنين ۽ اڪائونٽس جي مالڪن جا نالا سامهون آيا ۽ انهن مان هڪ نالو مريم صفدر جو به سامهون آيو جيڪا لنڊن ۾ مهانگي ترين علائقي ۾ 4 فليٽس جي مالڪه هئي، عدالت ۾ معاملو ويو، جي آءِ ٽي ٺاهي وئي، پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس آيو ۽ نواز شريف کي سپريم ڪورٽ مان سزا ٿي وئي، عدالتن ۾ خريد ڪيل فليٽس لاءِ رقم جا ذريعا ٻڌائڻ بدران هنن پهرين ڇو ڪڍيو جو نعرو لڳايو پوءِ عدالت ۽ فوج سميت ادارن جي خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ هڪ تقريب م اعليٰ عدليه جا جج صاحب دعوتو هئا اتي هو شخص تقرير ڪري ٿو جيڪو سپريم ڪورٽ مان سزا يافته آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائي ملڪ مان ڀڳوڙو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.