سنڌ جو وڏو وزير ڀارت جو ته ناهي جو وفاق مشورو نه ٿو ڪري: سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته وفاق پاران پي ايس پي آفيسر جن جا غير قانوني طور تي بدلين جا آرڊر جاري ڪيا هئا، ان تي سنڌ جي وڏي وزير خط به لکيو آهي. وزير اعليٰ سنڌ پاڪستان جي هڪ صوبي سنڌ جو وڏو وزير آهي . اسرائيل يا ڀارت جي ڪنهن صوبي جو وزير اعليٰ ته ناهي جو اهوان ان سان ڳالهھ ڪرڻ به نٿا چاهيو . اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهھ ٻولهھ ڪندي ڪيو. هن چيو ته امن امان صوبائي حڪومت جي مڪمل ذميواري آهي. وفاقي ڪابينا ۾ وزير اعظم سميت سڀئي وزير ڪيترائي ڀيرا اهڙيون اڻ ٺهندڙ ڳالهيون ڪندا آهن جنهن سان ملڪ جو تماشو بڻجندو آهي. هن چيو ته عدالتي فيصلي کي مڃڻ جا اسان پابند آهيون پر جيڪڏهن  ڪو اهڙو فيصلو اچي وڃي جو اوهان ان تي عمل ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ انساني الميو جنم وٺي ته جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر جي لکين ماڻهن جون گھرن جون ڇتيون کسجي سگھنديون هجن ته مان ان ڳالهھ تي قائم آهيان ته مان پنهنجو عهدو ڇڏيندس ۽ انهن ماڻهن سان وڃي بيهندس. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ڪراچي ۾ خاص ڪري رفاحي پلاٽس ۽ ميدانن تي چائنا ڪٽنگ ايم ڪيو ايم جا ڪارناما آهن ۽ ان جي سڀني کي چڱي ريت ڄاڻ آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.