ڪانفرنس ۾ سزا يافته جوابدار کان تقرير ڪرائڻ تي افسوس آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ججن جي ڪانفرنس ۾ هڪ سزا يافته جوابدار کان تقرير ڪرائڻ تي مون کي افسوس آهي.

ڪامياب جوان ڪنوينشن سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪامياب جوان پروگرام اسان جي منصوبن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٿيندو، ملڪ جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.

هن چيو مان ڪرڪيٽر بڻجڻ چاهيو ته ماڻهن چيو نٿو بڻجي سگهين، سياست ۾ آيس ته ٽوڪون ڪيون ويون، ماڻهن چيو ٻه پارٽي سسٽم ۾ ٽين پارٽي نٿي اچي سگهي، پوءِ اقتدار ۾ آيس ته ماڻهن چيو ڪامياب نه ٿيندس، مان پنهنجي غلطين مان سکيو ۽ ڪاميابي ملي.

سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا تي ڏکيو وقت آيو آهي، اهو سڀ ڪورونا جي ڪري ٿيو آهي پر اسان معيشت کي بهتري ڏانهن آندو، اسان جي پاليسين جي سڄي دنيا تعريف ڪئي، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گهر ٺاهڻ لاءِ حڪومت بنا وياج جي قرض ڏيندي، صحت انصاف ذريعي ماڻهو 7 کان 10 لک رپين تائين ڪنهن به اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا.

وزيراعظم چيو ته اڄڪلهه هر پاسي ٽيپس نڪري رهيون آهن، ججن جا نالا اچي رهيا آهن، اهو سڀ ڊرامو آهي، جنهن ملڪ جو حڪمران پئسو چوري ڪري، اهو اڳتي نٿو وڌي سگهي، پاناما ڪيس ۾ نواز شريف جو به نالو آيو ۽ ڪيسن ۾ کيسن ۾ نااهل ٿيو ته آواز آيو مون کي ڇو ڪڍيو ويو، توهان رڳو ايترو ٻڌايو ته لنڊن ۾ 4 فليٽ ڪٿان آيا؟ نواز شريف کي عدالت سزا ڏني ۽ هو برطانيا ڀڄي ويو، مون کي افسوس آهي ته ڪانفرنس ۾ هڪ سزا يافته جوابدارن کان تقرير ڪرائي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.