ناظم جوکيو جي قتل خلاف ڄامشوري ۾احتجاج، سوين ڳوٺاڻن جي ريلي

ڄامشورو (رپورٽ: صدر جوڻيجو ) سڄي سنڌ جيان عرب شڪارين جا ڄامشورو جي ڪوهستان ۾ به لامارا جاري آهن, ڳوٺاڻن پاران عرب شڪارين جي رستا روڪ ڪرڻ تي ڳوٺاڻن کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن, ان حوالي سان ڄامشورو جي ڪوهستاني علائقي لوڻي ڪوٽ ۾ ڪامريڊ نياز حسين کوسو, ڪوهستاني عوامي اتحاد چيئرمين محمد بخش مري, ڄامشورو شهري ايڪشن ڪميٽي چيئرمين ربنواز ابڙو, شير زمان شورو, محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ۽ عرب شڪار توڙي ڀوتار شاهي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته عرب شڪارين ناياب پکين جي شڪار لاء ڪوهستان جي مختلف علائقن لوڻي ڪوٽ, ڄنگڙي, ٿاڻو بولا خان ۽ رني ڪوٽ ۾ ڪئمپون قائم ڪري مقامي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هتان جا ڀوتار پڻ انهن جا ساٿاري بڻيل آهن, هنن چيو ته عرب شڪارين کي ناياب پکين جي نسل ڪشي کان روڪڻ تي اهي ساڳيان ئي عرب شڪارين جا ساٿاري ۽ ونگارون اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي اهو چئي رهيا آهن ته توهان سان به ناظم جوکيو وارو ڪم ڪيو ويندو, هنن چيو ته ڊڄڻ وارا ناهيون ڪوهستان جو هر فرد ناظم جوکيو ٿي پيو آهي دنگن جي مهمان پکين جي حفاظت لاء هر وقت مزاحمت جاري رهندي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته عرب شڪارين کي ڪوهستان ۾ شڪار ڪرڻ کان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ عرب شڪارين سميت ڀوتارن ۽ ضلعي انتظاميا خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي ويندي. ان موقعي تي شهيد ناظم جوکيو جي بيگناھ قتل خلاف پڻ سخت نعريبازي ڪئي وئي, جڏهن ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل بعد سرداري نظام خلاف عوامي آواز ميڊيا گروپ جي شانائتي ڪردار کي پڻ ساراهيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.