خيرپور مان ناري اغوا، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

خيرپور ( س  ر ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خانڻ شاه ڀرسان گرواڻي برادري جي نوجوان ناري اغوا، وارثن جو احتجاج،  ناري واپس ڪرائڻ جو مطالبو، تفصيل موجب بي سيڪشن ٿاڻي خيرپور جي حد مان خانڻ شاه ڀرسان رهندڙ گرواڻي برادري جي علي خان، ساحل، ساجن،ديپڪ، مسمات صنم، مسمات زرينه،مسمات حنا، مسمات سڪينه، مسمات بنديان مردن پنهنجي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪندي اخبار وارن کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان ناري نشا ڌيءَ علي خان گرواڻي  شهر مان سامان خريد ڪرڻ وئي هئي،جنهن کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن، نوجوان ناري جي اغوا سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن اسان حد جي ٿاڻي بي سيڪشن تي ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس اين سي داخل ڪري اسان کي واپس ڪري ڇڏيو، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته بااثر جوابدارن پاران نشا کان زبردستي مذهب مٽرائي ساڻس ڪوڙي نڪاح جو ڊرامو رچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃي، جڏهن ته پوليس ناري جي ڳولا ۾ ڪابه مدد نه ٿي ڪري، اسان غريب، مسڪين پورهيت آهيون سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليون ٿا، ناري جي اغوا سبب اسان سخت پريشان آهيون،هنن مطالبو ڪيو ته ناري نشا کي اغوا جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اغوا ٿيل ناري واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.