ملير پوليس جي 2 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (ڊ ر) ملير سٽي ٿاڻي حد جي پوليس گشت دوران ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ٻن ڏوهارين کي گرفتار جڏهن ته ٽي ڏوهاري فرار، ڏوهارين جو هڪ گروپ شهري کان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا، خبر موجب ملير سٽي پوليس گشت دوران ٻڪرا پڙي روڊ تي ڏوهارين جو هڪ گروپ شهري کان ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس فوري طور ڪاروائي ڪري ٻن جوابدارن جعفر صادق سبزواري ۽ زاهد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس موجب جن جي ڳولا جاري آهي، گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان غير قانوني هٿيار، ڦر ڪيل 2 موبائل فون ۽ بغير نمبر پليٽ موٽر سائيڪل به هٿ ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان اسان جي ڳالهه ٻولهه ايس ايس پي ملير عرفان بهادر سان ٿي ان جو چوڻ هو ته هي گروپ علائقي ۾ چوري جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هو، گرفتار جوابدارن خلاف ملير سٽي ۽ کوکراپار ٿاڻي ۾ ڦر، چوري سميت ٻيا ڪيس داخل ٿيل آهن، گرفتار جوابدارن جي فرار ٿيل ساٿين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جلد گرفتاري جو امڪان آهي، شهري جي فرياد تي جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ جاچ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن وٽان هٿ آيل هٿيار فرانزڪ لاءِ موڪليا پيا وڃن، گرفتار جوابدارن ۾ جعفر صادق سبزواري ۽ زاهد شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.