ٿل ڪينال رٿا خلاف سنڌ جا خدشا ختم ڪير ڪندو ؟

سنڌ اسيمبلي  گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪينال ڪڍڻ خلاف  ٺهراءُ گڏيل راءِ سان منظور ڪندي، ان کي مڪمل رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي  1991ع واري  پاڻي ٺاهه جي بچاءَ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي.  سومر واري ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس  ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي صدارت هيٺ  ٿيو،اجلاس ۾ ٻين ڪاررواين اڪلائڻ بعد آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو  سنڌو دريا هه مان گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلال پور ڪينال ڪڍڻ خلاف  ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ منصوبن کي تڪراري ۽ غيرقانوني ڪوٺيندي انهن جي مذمت ڪئي  ۽ وفاق کان مطالبو ڪيو ويو  ته انهن منصوبن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. صوبائي وزير  جو چوڻ هو ته سنڌ لاءِ پاڻي زندگي ۽ موت جومسئلو آهي، سنڌ سڪي رهي آهي، ان صورتحال ۾ پنجاب ۽ وفاق ملي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا . ٻين صوبن ۾ جر جو پاڻي مٺو آهي پر سنڌ جو مڪمل دارومدار درياهه تي آهي، پاڻي بابت اهو طئي ٿيل آهي ته سنڌ جي رضامندي کان سواءِ پاڻي جو ڪوبه منصوبو نه ٺهندو .هن چيو ته 1945ع جي ٺاهه موجب 48 ايم ايف سنڌ ۽ 48 ايم ايف پاڻي پنجاب کي ڏنو ويوهو.، 1991ع دوران پاڻي ٺاهه ٿيو ان ۾ سنڌ کي 48 ايم ايف ۽ پنجاب جو 7 ايم ايف حصو وڌايو ويو.هن اجلاس کي ٻڌايو ته  جلال پور ڪينال وسيلي 1 لک 80 هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ مٿان وري گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ڪڍي پنجاب جي 18 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي.

رٿا جي تفصيل موجب وفاقي سرڪار پنجاب ۾ ٿل ڪينال  فيز 2 تحت مک ڪينال  جلالپور نالي سان جهلم دريا جي ساڄي پاسي ڪڍيو پيو وڃي، جيڪو 200 ڪلوميٽرن تي ٻڌل هوندو، اهو ڪينال  خوشاب ۽ پنڊ دادن ضلعن جي حدن ۾ ڪڍيو ويندو. جنهن سان مخصوص ماڻهن جون زمينون آباد ٿينديون، ان رٿا تي 50 ارب رپين جي لاڳت جو اندازو آهي جنهن مان 32 ارب رپين جو قرض ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ کان ورتو پيو وڃي، جيڪو منظور پڻ ٿي ويو آهي ۽ جنهن تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.

صوبائي وزير موجب  ٿل ڪينال  فيز ون ڪل 35 ڪلوميٽرن جي مين ڪينال  تي 56 ڪلوميٽرن جي برانچ ڪينال ن تي 400 ڪلوميٽرن جي شاخن تي ٻڌل آهي جنهن سان ساڍا ٽي لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. جڏهن ته هاڻي ٿل ڪينال  فيز 2 واري رٿا موجب جلال پور ۽ چوبارا ڪينالن تي ڪم شروع ٿي ويو اهي جنهن سان 2 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آباد ٿيندي، جنهن جو سڌو نقصان سنڌ کي ٿيندو.هن جو چوڻ هو ته ان رٿا سان پاڻيءَ جي کوٽ جو اثر سنڌ تي پوندو، اهو سنڌ دشمن ڪينال  آهي، جنهن کي فوري بند ڪيو وڃي، هن اهو پڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت کي ان رٿا خلاف تحريڪ هلائڻي پئي ته به هلائيندي پر ان کي ٺهڻ نه ڏيندي.سنڌ اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن سنڌ دشمن رٿا جي خلاف ووٽ ڏئي ان کي منظور ڪري ورتو.

ان رٿا بابت ايڪنڪ جي 19جنوري 2018 جي اجلاس ۾ سنڌ پاران اعتراض نوٽ ڪرايا ويا هئا، جن کي وفاق نطر انداز ڪري ڇڏيو آهي، ان ڏس ۾ رٿابندي ۽ترقي جي صوبائي کاتي جي واٽر اينڊ ڊرينيج سيڪشن  طرفان 9 نومبر تي پڻ هڪ خط لکي وفاق کي سنڌ جي اعتراضن بابت آگاهه به ڪيو ويو هو. جنهن تي به نه رڳو غور نه ڪيو ويو بلڪه وفاق پنهنجو اڳوڻو رويو اختيار ڪندي سنڌ جي سمورن اعتراضن کي بلڊوز ڪري رٿا تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان رٿا جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان پڻ منظوري نه ورتي وئي آهي، جنهن کي ان ڪائونسل مان منظوري بنا اهڙي رٿا تي عمل ڪرڻ به اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.جيڪا سراسر وفاق جي هڪ ايڪي سان سرعام نا انصافي آهي.

هي رٿا پاڻي واري ٺاهه  توڙي ارسا ايڪٽ جي سراسر ڀڃڪڙي آهي، جنهن سان مڃيل قانونن  جي لتاڙ ڪندي اهڙي عمل کي جاري رکڻ سنڌ صوبي سان زيادتي آهي.

پاڻي  جي لحاظ سان هڪ مڃيل اصول آهي ته هيٺين پاڻي کڻندڙ  ڌر جي ڳالهه کي پهرين ٻڌبو آهي ۽ ان تي غُور ڪرڻ کانپوءِ ان جا اعتراض ختم ڪبا آهن پر اسان وٽ هوڏ ۽ هٺ تي بيٺل وفاق ۽ وڏو صوبو هميشه ننڍن صوبن سان اهڙي طرح سان پيش ايندا رهيا آهن جو  وفاق جي ايڪن ۾ وڇوٽي جو وڏو  سبب بڻيا آهن.

سنڌ جي حوالي سان هڪ اهم معاملو اهو پڻ آهي ته سنڌ ۾ ئي ڊيلٽا جو ڀاڱو پڻ اچي ٿو، عرصي کان سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سنڌ جي ايڪو سسٽم جو توازن وڏي پئماني تي متاثر ٿيو آهي،نتيجي ۾ سنڌ جي ڇوڙ واري ڀاڱي جي جيوت گهڻو متاثر ٿي رهي آهي،

ملڪ جي سمورن گهڻ گهرن کي اهو ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته وفاق وٽ سمورن ايڪن جي حيثيت هڪجهڙي ۽ هڪ جيتري هوندي آهي.اسان وٽ پڻ وفاق جي آئين ۾ اهو چٽو لکيل آهي پر  وفاق توڙي  هڪ وڏو صوبو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان باقي يونٽن سان پنهنجي پڄندي هر طرح جي زيادتي ۽ ظلم جاري رکندا پيا اچن.  جنهن سان  ڪنهن بهتر توازن جي پيدا ٿيڻ جون باقي سموريون اميدون خاڪ ٿينديون پيون وڃن. اهڙا رويا عوام کي وڌيڪ ناراض ڪري ڇڏيندا، جنهن جو هر سطح تي نقصان پڻ وفاق کي ئي ٿيڻ جو امڪان آهي.

اسان هنن سٽن ۾ وفاقي سرڪار  کي اگاهه ٿا ڪريون ته جنهن طريقي سان ننڍن صوبن سان مالي وسيلن، پاڻي جي ورڇ، ۽ ترقياتي رٿائن ۾ زيادتي ٿئي ٿي ان سان عوام جي ذهنن ۾ ڪاوڙ وڌي ٿي، وفاق جو عمومي رويو ته سمورن صوبن سان هڪجهڙو هئڻ گهرجي جيڪو آئين ۾ لکيل آهي ان تي عمل پڻ ٿيڻ گهرجي.وفاق جي فيصلن کي عام ماڻهو ڏسندو ۽ محسوس  به ڪندو آهي،

سنڌ جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ تائين تڪراري رٿا، ٿل ڪينال  فيز 2 کي روڪي ان جو ،عمل جوڳو حل ڳوليو وڃي، ضد جي گهوڙي تي چڙهي   وفاق جي خلاف  اهڙو ڪم نه ڪيو وڃي جنهن جو پورائو ڪرڻ پوءِ ممڪن ئي نه رهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.