66 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي،ڇا ان جي ذميوار به سنڌ آهي؟: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني وفاقي وزير وفاقي وزير فواد چوڌري جي الزامن تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته مون سمجهيو ته فواد چوڌري کي آئين ۽ قانون جي ڪا خبر هوندي پر پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ کانپوءِ فواد چوڌري کي نه آئين جي خبر آهي نه وري قانون جي باري ۾ ڪا ڄاڻ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سعيد غني چيو ته اسان سنڌ جي گهرج موجب 12 لک ٽن اسٽور ڪئي  پر  66 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ جي ڪنهن کان پڇا ڪريون؟ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿئي ٿي، پر نئون فصل لهڻ کانپوءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ غائب ٿي وئي جنهن تي وزير اهو چون ته خبر ناهي 66 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي؟ ڇا ان جي ذميوار به سنڌ آهي؟ سعيد غني چيو ته اسين وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ گئس بحران جي پٺيان وفاقي حڪومت جي نالائقي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.