ڪوهستان عوامي اتحاد پاران پکين جي نسل ڪشي خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر) ڪوھستان عوامي اتحاد پاران لوڻي ڪوٽ ۾ پکين جي نسل ڪشي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪوھستان عوامي اتحاد جي چيئرمين محمد بخش مري، ربنواز ابڙو،  شير زمان شورو جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته  ڪوھستاني پٽي ۾ ناياب نسل جي پکين جو بااثر شڪارين پاران کلي عام شڪار ڪري انھن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، پر وائلڊ لائيف کاتي جي انتظاميا به انھن کي روڪڻ توڙي انھن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن چيو ته  پکين جي نسل ڪشي کي روڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ناظم جوکيو کي بهبيدردي سان تشدد جو نشانو بڻجندي شھيد ڪيو ويو. پر اسان ڪنھن به صورت ۾ ڪوھستاني پٽي ۾ ناياب پکين جي نسل ڪشي ڪرڻ نه ڏينداسين، ھنن گھر ڪئي ته  فورن ڪوھستاني پٽي ۾ پکين جي شڪار تي پابندي مڙھي پکين جي نسل ڪشي کي روڪي شڪارين خلاف ڪاروائي ڪري لوڻي ڪوٽ، ڄنگھڙي، موڙھو جبل، جھمپير، ڄامشورو ۾ عرب شڪارين جا قائم ٿيل شڪارگاھ ڪئمپون ھٽرائي پکين جو تُحفظ ڪري شھيد ناظم جوکيو جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.