سون سستو ٿيڻ جو سلسلو جاري، اگهه ۾ وڏي لاٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 1800 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 21 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 1544 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 4 هزار 252 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 42 ڊالر گهٽجڻ سان 1797 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.