قصور ۾ حراست هيٺ عورتن تي تشدد، جاچ آفيسر ۽ ليڊي ڪانسٽيبل نوڪري تان فارغ

 

قصور (ويب ڊيسڪ)  قصور جي صدر ٿاڻي ۾ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي ٻه پوليس اهلڪارن کي نوڪري تان هٽايو ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قصور جي صدر ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر حيدر علي جي ڪمري ۾ پرائيويٽ عورت طرفان ڪنهن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٻن عورتن تي تشدد ڪيو پيو وڃي،  جڏهن ته ڪانسٽيبل عائشا ويڊيو ٺاهيندي رهي.

آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پرائيويٽ عورت کي گرفتار ڪرڻ سميت ملوث جاچ آفيسر ۽ ليڊي ڪانسٽيبل کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي.

پنجاب پوليس جي آفيشل ٽوئيٽر تي ٻڌايو ويو ته واقعي ۾ ملوث پرائيويٽ عورت ۽ اهلڪارن کي سزا ڏني ويندي، پنجاب پوليس ۾ اهڙين ڪارين رڍن جي ڪا جاءِ ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.