جوهي فيڊر جي بجلي چئن ڏينهن کان بند، ڳوٺاڻن پاران آفيس اندر ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ  ) حاجي خان فيڊر جي بجلي چئن ڏينهن کان بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران سيپڪو آفيس اندر احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مڇريل ڳوٺاڻن آفيس جو مک دروازو بند ڪري حميد پنهور, علي اصغر لنڊ, محمد حسن, مصطفي مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو آهي ته  حاجي خان فيڊر جي بجلي چئن ڏينهن کان  بند آهي, جنهن ڪري ڪاروهنوار ٺُپ بڻيل آهي, پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ  ڳوٺاڻا پريشان آهن جڏهن ته ميت کي غُسل ڏيارڻ لاء به شهر مان پاڻي آڻيون ٿا, ڳوٺاڻن موجب بل پيارڻ باوجود به بلاجواز بجلي بند ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي, مظاهرين موجب جيسيتائين بجلي نه ملندي احتجاج جاري رهندو, هوڏانهن سيپڪو عملي پارن پوليس طلب ڪئي وئي, جوهي پوليس سيپڪو آفيس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون, مظاهرين کين چيو ته اهي پرامن آهن چئن ڏينهن کان فيڊر بند آهي جيسيتائين بجلي بحال نه ٿي ٿئي احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف سيپڪو جوهي جي ايس ڊي او خليل احمد گاڏھي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيپڪو انجنيئر  عبدالستار چنه جي حڪم تي سختي وئي آھي حاجي خان فيڊر تي ڪافي ڳوٺن اندر بجلي جي بلن جي بقايه رهت سبب بند ڪئي هئي ۽ ڪجه  ڳوٺن اندر غير قانوني ڪنڊا ڪنيڪشن بجلي جي ڪري ڪاٽه ڪئي وئي آھي اگر ڪنهن به ڳوٺ اندر  بجلي جا پياريل آھن ته انهن کي ايمر جنسي بنيادن تي بجلي جي فراهمي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.