دودو ڀيل خون جي سودي کان انڪار، گهرواري کي وارثن قيد ڪري ڇڏيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ سيڪيورٽي ڪمانڊوز هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جو ڪيس نئون رُخ اختيار ڪري ويو آهي،مقتول جي ڀاءُ عالم چند پاران جوابدار ڌُر سان پئسن عيوض ڪيل ٺاھ ۾ دودي جي گهرواري سخت ناراض ۽ گهر اندر قيد هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين جي ٽيم مقتول دودي ڀيل جي تڏي تي پهتي،جتي دودي جي ڀاءُ عالم ڀيل ۽ پيءُ ڪرنو ڀيل سان ملاقات ڪئي ويئي،جڏهن ته دودي ڀيل جي گهرواري سان صحافين کي ملڻ ۽ بيان وٺڻ نه ڏنو ويو ۽ صحافين جي زور ڀرڻ تي کيس ٻُڌايو ويو ته دودي جي گهرواري گهر ۾ موجود ناهي ۽ هُو بيمار آهي،جنهن بعد دودي ڀيل جي ڪيس ۾ فريادي ڀاءُ عالم چند ڀيل صحافين کي ٻُڌايو ته غربت ۽ ڪيس وڙهڻ جيترو ٽائيم نه هجڻ ڪري جوابدار ڌُر سان ٺاھ ڪرڻ کي بهتر سمجهيو،جوابدار ڪمانڊر ڪاشف رضا جي فيملي وارن ٺاھ ڪرڻ تي گهڻو زور ڀريو،اسان به سوچيو ته ٺاھ ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ دودي جي ٻارڙن کي فائدو ٿيندو،اسان کي هڪ ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو آسرو مليو،جنهن ۾ مقامي وڏيرا ضامن آهن،مونکي شنوائي دوران ڪورٽ ٻاهران 20 لک جو چيڪ ڏيکاريو ويو پر اسان چيڪ وٺڻ کان انڪار ڪندي هڪ ڪروڙ گڏ ڏيڻ جي گُهر ڪئي،اسان کي اِهو ٻُڌايو پيو وڃي ته دودي جي گهرواري کي تاحيات پگهار ۽ باقي پنج گهرڀاتين کي نوڪريون اينگرو ڪمپني ڏيندي،دودي جي ٻارڙن جي يونيورسٽي تائين پڙهائي جو خرچ به اينگرو ڪمپني برداشت ڪندي،ڪيس وڙهڻ جيتري اسان ۾ طاقت ناهي،اڳ ۾ سنڌ حڪومت جي هڪ ڪروڙ ڏنا اُهو به شنواين ۾ ختم ٿي ويا آهن،هاڻي حيدرآباد هر شنوائي تي 20 هزار ڀاڙي جا ڪٿان وٺي اچون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.