قاضي احمد ۾ 5 ڊسمبر جي حوالي سان تقريب، ريلي

قاضي احمد (ن ع آ)   سنڌو تو ۾ ساھ اسان جو ,,جي سري ھيٺ اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان شھري دڪاندار اتحاد قاضي احمد پاران قاضي احمد جي راجپوت ھائوس ريشم بازار تي ,,ثقافتي ايڪتا ,,پروگرام  ڪيو ويو شھري دڪاندار اتحاد جي اڳواڻن رانا سرفراز علي راجپوت علي خان جتوئي ملڪ شھزاد علي ممتاز خاصخيلي عمران علي عمراڻي اعجاز راھو رانا غلام مصطفي راجپوت۽ ٻين پاران ڪرايل ثقافتي پروگرام ۾ دڪاندارن شھرين ثقافتي ويس اجرڪ ٽوپي پٽڪا پائي شرڪت ڪئي سنڌ جي ثقافتي فنڪارن  فقير سلامت علي ملاح مشتاق احمد ملاح ديدار علي ملاح سجاد علي رند عاشق علي جتوئي سخاوت علي ميراڻي رضوان سمون پاران سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ سان محبت جي ڳايل قومي گيتن تي حاضرين خوشي مان جھمريون ھنيون.

  • ٿاڻوبولاخان واسي ڪنو پاڻي واپرائڻ تي مجبور، احتجاج 

ٿاڻوبولاخان ( ن ع آ ) ٿاڻوبولاخان شھر جي نيو ميمڻ محلي ، ڳوٺ ملڪ صفر خان ، لونگاڻي محلي ۽ شھر جي محلن جي رهواسين جو سان واٽرسپلائي انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جو ماٽيلي کاء وارو سلوڪ ڪرڻ لڳي مٿي ڄاڻايل علائقن ۾ واٽرسپلائي ۽ پبلڪ هيلٿ  انتظاميان مٺو پاڻي ڏيڻ بدران صحت لاء هاڃيڪار ٻاڙو پاڻي سپلائي ڪري رهي آهي ٻئي طرف شھر جي ڪجه منسپند علائقن ۾ روزانو جي بنياد تي مٺو پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر اڌ شھر کي ٻاڙو پاڻي سپلائي ڪيو وڃي ٿو صحت لاء هاڃيڪار ٻاڙو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي رهواسي پيٽ ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن پر انتظامياڪو تحرڪ نه ورتو آهي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پاڻي جي متاثرين  ٻڌايو ته واٽرسپلائي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انتظامياجي نااهلي سبب اسان کي مٺو پاڻي ڏيڻ بدران صحت لاء هاڃيڪار ٻاڙو پاڻي ڏنو وڃي ٿو اهو به وارابندي تحت ڏنو وڃي ٿو واٽرسپلائي انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ کاتو اسان سان  ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آهي هنن چيو ته اڌ شھر کي مٺو پاڻي ڏنو وڃي ٿو ۽ اڌ شھر کي ٻاڙو پاڻي ڏنو وڃي ٿو انتظاميا منپسند علائقن ۾ روزانو جي بنياد تي مٺو پاڻي مهيا ڪري ٿي اسان کي ٻاڙو پاڻي اهو وارابندي تحت 1-2 ڏينهن کانپوء ڏنو وڃي ٿو اسان ڪيترائي ڀيرا مٺي پاڻي ڏيڻ لاء دانهون ڪوڪون ڪيون آهن پر اسان جي ڪير ٻڌڻ لاء تيار نه آهي اسان وزير اعليٰ سنڌ  ، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو  ڪيون ٿا ته اسان کي مٺو پاڻي مهيا ڪري تڪليفن کان بچايو وڃي.

  • ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي مهانگائي، پورهيت طبقو پريشان

ڳڙهي ياسين ( رپورٽ : شهمير جمالي ) ڳڙهي ياسين شھر ۾ وڌندڙ مهانگائي مزدورن ۽ غريب شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون ، غريب مزدورن جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ، وڌندڙ مهانگائي جي چڪي ۾ غريب ماڻهو اٽي  جيان پيسجي رهيا آهن ، دانهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو ، جنهن ڪري سندن غريب مزدورن جا ٻچا فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ، ايتري قدر جو وفاقي حڪومت پاران بار بار تيل گيس ، بجلي ۽ دوائن جا اگھ وڌائڻ کانپوءِ وڏن واپارين ۽ ڪارخاني مالڪن ملي ڀڳت ڪري هٿ ٺوڪيا ريٽ مقرر ڪري روز مرھ جي شين جا اگھ آسمان سان لڳائي ڇڏيا آهن ، جيڪي غريب ماڻهن جي پهچ کان مٿي آهن ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ماڻهو سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا ايتري قدر جو هن وقت ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي جي شهرن ۾ ڪڻڪ جو اٽو 65 کان 70 روپيا ڪلو ، پڪوان آئل 370 ،  کنڊ 130 کان 150 روپيه ، کير 100 کان 120 روپيا وڪامڻ لڳو ، ننڍو گوشت 1200 روپيا ، وڏو گوشت 600 روپيه ، مرغي 430 ،  مڇي 350 کان 500 روپيه ، ٽماٽا 150 ، بصر 60 ، پٽاٽا 100 روپيه ،  داليون 250 کان 300 روپيه تائين في ڪلو وڪرو ٿي رهيون آهن ، هوڏانهن مرغي فروشن پنھنجي من مستي ڪندي بغير لسٽ جي مرغي جو گوست وڪرو ڪري رھيا آھن ، انهي سلسلي ۾ غريب شهرين جو چوڻ آهي ته ڳڙهي ياسين ۽ ڀرپاسي جي شھر اندر گوشت، مڇي، مرغي غريب ماڻهن جي کائڻ مشڪل ٿي ويو آهي پر سبزيون ۽ داليون کائڻ کان به قاصر آهن ، ايتري قدر جو وڌندڙ هٿراڌو مهانگائي سبب سندن ٻچا فاڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ۽ سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو ، جڏهن ته دڪاندار مهانگائي جو سبب وفاقي حڪومت پاران تيل ، گيس جا اگھ وڌائڻ سميت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو چئي مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي غريب ۽ مزدور جان محمد ڀٽو ، پپو لالا مهر ، ياسين مهر ، مهتاب مهر ، مختيار ڀٽو ، رجب ڀٽو ، سليم سومرو ، شعيب سومرو ، شير ڀٽو ، مسور ڀٽو ، واجد مهر ، عنايت الله ککراڻي ، مجيب الرحمان ميمڻ ، احسان ڀٽو ۽ ٻين صحافين کي دانهيندي چيو ته عمران حڪومت مهنگائي ڪري اسان کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي ، وس وارن کان گهر ڪئي ته دڪاندارن ۽ واپارين جا ريٽ لسٽون چيڪ ڪري غريب عوام کي خودڪشون ڪرڻ تي بچايو وڃي ۽ مهانگائي تي فوري طور ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.