خانپور مهر واسي پورهيت گجرانوالا مان گم، وارث پريشان

خانپور مھر  ( ن ع آ ) خانپورمھر جي علائقي ڳوٺ خاڪي پير واسي 18 ورھين جو نوجوان عمران علي سومرو پٽ عبدالحليم سومرو گجرانوالامان اوچتو گم ٿي ويو آھي جنھن سبب سندس وارث سخت پريشان آھن ان سلسي ۾ گم ٿي ويل نوجوان جي والد عبدالحليم سومرو ۽ چاچي اعجاز سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته اسان جو نوجوان عمران علي سومرو گجرانوالا فيڪٽري ۾ روزگار سانگي ويل ھو جنھن جي رھائش ريلوي اسٽيشن لڳ شمع اسٽاپ گجرانوالا ۾ ھئي جتان ھو ٻن ڏينھن کان لاپتا ٿي ويو آھي ڳولا باوجود سندس ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي جنھن ڪري سندس گھرڀاتي سخت پريشان آھن گم ٿي ويل نوجوان جي وارثن سنڌ توڙي پنجاب پوليس کان مطالبو ڪيو آھي ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.