عادلپور لڳ ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو، هڪ زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عادلپور ٿاڻي جي حد چنگلاڻي بس اسٽاپ تي سومرا ۽ ڪلوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان جهيڙو لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو سخت زخمي اسپتال منتقل ،اين سي داخل ،خبر موجب گهوٽڪي ڀرسان عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ ڪلوڙ ۽ سومرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي واري ڳالهھ تان جهيڙو ٿي پيو ،لٺين ،سروٽن سان آزادانه حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾  فدا حسين سومرو ولد شاهنواز سومرو سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي اين سي عادلپور ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.خبر فائيل ٿيڻ تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.