جهڏي ويجهو اسڪول تي قبضي جو معاملو، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

جهڏو (رپورٽ : اسحاق ساگر ) جهڏي ويجهو اسڪول تي قبضي جو معاملو، ذميوارن کي ڪارروائي جو حڪم تفصيل موجب اينٽي انڪروچمنت جج ميرپورخاص پاران جهڏو لڳ ڳوٺ ٽنڊو ڪولاچي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي احاطي تي ٻيهر قبضو نه ڪرڻ لاءِ انتظاميه کي پابند ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ ڪيس جي وڪيلن ايڊوڪيٽ دانيال شر، ايڊوڪيٽ لطيف ڪولاچي، ايڊوڪيٽ مجيد لاشاري، چيو ته ڄاڻايل اسڪول جي احاطي تي ٿيل قبضي بابت اسڪول انتظاميا اهڙي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ الزام هيٺ آيل ڌر ۾ ڪوبه ماڻهو ڪورٽ سڳوري ۾ پيش نه ٿيو جنھن بعد اينٽي انڪروچمنت جج ميرپورخاص آرڊر جاري ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص، اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو مختيار ڪار جهڏو، ايس ايڇ او جهڏو کي پابند ڪيو ويو آهي ته اسڪول جي احاطي تي ٻيهر قبضو ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

  • لاڙڪاڻي گرلس ڪاليج ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پوائنٽ بس جو افتتاح

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو غلام سرور لغاري ڪاليج پارانپرنسپال ميڊيم ارشاد بيگم عباسي، پروفيسر رضوان گل، ميڊيم ڪلثوم احمد، انيلا ابڙو سميت ڪاليج جي عورت ليڪچرارن ۽ پروفيسرن توڙي شاگردياڻين سان گڏجي پوائنٽ بس جو افتتاح ڪري دعا گهري. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز غلام سرور لغاري چيو ته سنڌ حڪومت طرفان گورنمينٽ گرلز ڪاليج جي شاگردياڻين جي سهولتن لاءِ پوائنٽ بس جو تحفو ڏنو ويو آهي جيڪا شهر جي نئون ديرو چوڪ، گجڻ پور چوڪ، بندر روڊ، لاهوري محلا، ذوالفقار باغ ۽ ٻين روٽن تان يارهين ۽ ٻارهين جماعت جي شاگردياڻين کي کڻي ڪاليج پهچائيندي. ۽ موڪل جي وقت کين سندن علائقن ۾ لاهيندي. هن چيو ته اڳ شاگردياڻيون شهر جي پري پري وارن علائقن مان ڪرايا ڀاڙا ۽ ٽريفڪ جام ۾ ڪاليج اينديون هيون پر هاڻي پوائنٽ بس جي سهولت سان سندن جون ڪيتريون ئي مشڪلاتون ختم ٿي وينديون صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم جي ڪوششن سان پوائنٽ بس سروس شروع ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي.

  • لمس ۾شاگردن جي سهولت لاءِ اسٽوڊنٽ فيسيليٽيشن سينٽرجي تقريب

ڄامشورو( ڊ ر ) لمس يونيورسٽي ۾ شاگردن کي اميتحاني فارم ڀرڻ, داخلا لاء معلومات وٺڻ ۽ چالان جي ادائگي سميت هر سهولت هڪ هنڌ آساني سان مهيا ڪرڻ لاء ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽ افيئرس جي گُهر تي يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۾ "اسٽوڊنٽ فيسيليٽيشن سينٽر” جي نالي سان شعبو قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پاران ڪيو ويو.

  • رتوديرو جي سرڪاري اسڪول ۾ ايم پي اي فرنيچر ڏنو

رتوديرو  ( ن ع آ ) گورنمينٽ بوائز هاءِ  اسڪول مين رتوديرو ۾ فرنيچر جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي تڪ جي ايم پي اي فريال ٽالپر اسڪول لاءِ فرنيچر موڪلي ڇڏيو جڏھن ته پ پ  تعلقي رتيديري جي صدر لالا نظر محمد پٺاڻ هاءِ اسڪول پهچي  اماڻيل  فرنيچر اسڪول جي هيڊ ماستر سيف الله رند حوالي ڪيو، ان موقعي تي پ پ تعلقي رتيديري جي صدر چيو ته اسڪول ۾ 03 هزارن کان مٿي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آھن، جنهن ۾ فرنيچر جي کوٽ بابت تڪ جي ايم پي اي جي هدايتن تي موڪليل فرنيچر اسين اسڪول انتظاميه جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ۽ جلد ئي ٻيون بنيادي سهولتون جنهن ۾ اسٽاف جي کوٽ ڪمپيوٽر ليب ۽ ٻيون ضرورتون به جلد پوريون ڪيون وينديون، ان موقعي تي خالد رضا جوڻيجو ، مير جبل خان پندراڻي، گسٽا تعلقي رتيديري جو صدر سيف الله ابڙو ، قربان علي گهانگهرو امان الله ٻپڙ پڻ موجود هئا.

  • سانگهڙ جي ڪاليج ۾ راندين جا دلسچپ مقابلا

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ پير صبغت الله شاهه شھيد گورنمنٽ  بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ  ۾ منعقد اسپورٽس  گالا فيسٽيول  پڄاڻي تي پھتو ـ رنگا رنگي  اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي مھمان خصوصي منصور جبار ميمڻ ۽  محمدعلي لغاري سميت پرنسپل ڊگري ڪاليج نواز ڪنڀرـ ڊائريڪٽر  شھيد بينظير آباد يونيورسٹي سانگھڙ  ڪيمپس نويد اعوان ـ ڊپٽي  رجسٽرار شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٹي سانگھڙ  ڪيمپس طفيل ميمڻ ـراجيش ڪمار ھرساداڻي ـ ڊاڪٽر محمد فاروق ـ يونين آف ٽريڊ سانگھڙ  شير محمد فوڪل پرسن اسپورٽس  گالا فيسٽيول  حصار مريم ۽ ٻين چيو ته تعليم کان علاوه شاگردن جي ذھني و جسماني نشونما لا۽ رانديون تمام ضروري آهن شاگردن کي گهر جي ته تعليم سان گڏو گڏ راندين ۾ پڻ پنهنجو پاڻ مڃائن ـانهيَ موقعي تي کٽڻ وارين ٽيمن کي ٽرافيون ۽ ڪيش انعام ڏنا وياـ راندين جي فائنل مقابلن ۾ رسو ڇڪڻ ڪرڪيٽ فٽبال بيڊمنٽن  ۽ ٽيبل ٽينس جا مقابلا  منعقد ڪيا ويا ـ شاگردن جي حوصلا افزائي لا۽ معزز شھرين استادن سياسي و سماجي رھنمائن جو وڏو انگ موجود ھو.

  • سيوھڻ ۾ ثقافتي ڏهاڙي جون تياريون جاري، اسڪول ۾ تقريب

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ميڊم نعيمان چانڊيو طرفان ڊيلي عوامي آواز ۽ سنڌي ميڊيا گروپ جي اعلان کي ڀرپور موٽ ڏيندي 5 ڊسمبر ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان شاندار جاڳرتا تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪلاس ٽيچرس ۽ اسڪول جي اسٽاف عبدالجبار ميمڻ سميت شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردياڻين قومي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان بھترين تقريرون ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري حاضرين کان خوب داد وصول ڪيو. جڏھن ته ثقافتي تقريب کان اڳ ۾ ھاء اسڪول جي هيڊ مسٽريس ميڊم نعيمان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ثقافتي ريلي ڪڍي شاگردياڻين قومي گيتن تي رقص ڪيو ۽ ٽوپي اجرڪ زنده آباد جا نعرا پڻ ھنيا.

  • راڄو خاناڻي جي اسڪول ۾لطيف شناسائي جي تقريب

 

راڄوخاناڻي (ن ع آ﴾ راڄوخاناڻي بوائز ھاڻي اسڪول۾ ھفتا لطيف شناسي جي سلسلي ۾ ھڪڙو پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ شاعر اديب محقق نقاد سائين خاڪي جاني نظاماڻي سگھڙ جمعو ملاح سڪندر علي سولنگي واحد جوڻيجو مير اڪرم نعيم نظاماڻي مير رسول بخش شيبر نظاماڻي سميت اسڪولي شاگردن ٻين مختلف ماڻهو شرڪت ڪئي اسڪول جي مختلف شاگردن لطيف جون وايون بيت ترنم پيش ڪري داد حاصل ڪيو ھو سگھڙ جمعو ملاح لطيف جا مختلف سرٻڌائي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا خاڪي جاني لطيف جي فڪر فلسفي تي علمي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته لطيف سائين تاريخ جو عظيم ڏاھو ھو سندس فڪر فلسفي مستقبل جي معمارن لاءِ مشعل راه آهي لطيف کي پڙهو ۽ سمجهي سماج ۽ پنھنجو اندر صاف ڪري اجياريو ۽ سنواريو لطيف جي شاعري سنڌ نه پر پوري انسانيت لاءِ آھي راڄوخاناڻي بوائز ھاڻي اسڪول جي هيڊ ماستر سڪندر سولنگي آخر آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اھڙا پروگرام روحاني طور طاقت مھيا ڪري اسان جي ذھن۾ سگھ پيدا ڪن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.