زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم ڪانھا ڪمار جي قاتلن کي ڦاهي ڏيو

تحرير؛اسماعيل بھلڪاڻي

خيرپور ۾ انسانيت سوز واقعو پيش آيو آھي ٻن جلاد نما خنزير وحشي جوابدارن گلاب جھڙي معصوم ٻالڪ ڪانھا ڪمار کي زيادتي ڪرڻ بعد کيس گھٽا ڏيئي بيدري سان قتل ڪري لاش خالي جاءِ تي اڇلائي ڇڏيو.ڏٺو وڃي ته معصوم ڪانھا ڪمار جي عمر اسڪول پڙھڻ پنھنجي والدين سان انگل ڪرڻ ٻارڙن سان گڏجي پنھنجي گھر جي آڳر ۾ راند کيڏڻ جي ھئي پر انسانيت ۽ فطرت جي دشمن قاتل جلاد ابھم ٻارڙي کي اڻمندائتي موت جي ور چاڙھي ڇڏي آھي انھن خنزير نما قاتلن کي ڪنھن به ريت معاف ڪرڻ نه گھرجي جنھن نه صرف فطرت جي سونھن، والدين جي خوشين، سماج جي ڏيئي، مستقبل جي معمار معصوم معمار ڪانھار ڪمار جو قتل ڪيو آھي پر انھن سڄي انسانيت جو قتل ڪيو  آهي ڇو ته خالق ڪائنات جو قرآن پاڪ ۾ فرمان آھي ته ھڪڙي انسان جو قتل سڄي انسانيت جو قتل آھي .

ابتدائي طور پوليس معصوم ڪانھا ڪمار جي ٻن قاتلن کي گرفتار ڪيو آھي ڏسون ته پڪڙيل جوابدار خلاف ڪھڙي نوعيت جي ايف آءِ آر داخل ڪري ٿي دھشتگردي قتل ۽ زياتي جا قلم لڳائي ٿي يانه؟ معصوم ڪانھا ڪمار کان اڳ سنڌ توڙي پاڪستان ۾ معصوم ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آھن خصوصن سنڌ ۾ اھڙي قسم جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن. معصوم ٻارڙن کي قتل ڪندڙ زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن کي سخت سزائون نه ملڻ ڪري ھر آئي ڏينھن مجموعي طور سڄي ملڪ خصوصن سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جا واقعا پيش اچن ٿا معصوم ڪانھاڪمار جو زيادتي بعد ڪيل قتل حڪومتي ۽ ملڪي اعليٰ اختيارين، قانوني رٽ فعال ڪندڙ ادارن جي منھن تي چماٽ آھي. توڙي جو ملڪ ۾ ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ معصوم ٻارڙن کي زيادتي ۽ قتل ڪندڙ جوابدارن کي سخت سزائون ڏيڻ جا بل پاس ٿيل آھن تنھن ھوندي به ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتي ۽ بيددردي سان ٿيندڙ قتل وارا واقعا ختم ٿي نه سگھيا آھن. نام نھاد نيشنل انٽر نيشنل اين جي اوز ملڪي دفاعي ادارا قانوني محافظ ادارا ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ جا باس ڪيل بل ڪھڙي ڪم جا ۽ ادار ن مٿان ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو؟ جنھن مان عوام کي ڪو ٽڪي جو فائدو نه ملي.

ھن وقت معصوم ڪانھا ڪمار جي گھر ۾ ماتم متل آھي والدين جو گھر اجاڙيو ويو سندن مستقبل جا خواب ۽ خوشيون چڪنا چور ٿي ويا. جڏھن اسان جا ادارا ۽ ملڪي قانون فى الفحال جوابدارن جي جاچ ۽ انڪوائريون ڪرائينديون، شاھد ۽ ثبوت گڏ ڪرائينديون ڪيس جي فتوی الاءِ ڪھڙي به اچي؟ جيڪڏهن ڪيئي سالن کان پوءِ مقتول جي خون سان انصاف ڪندي الائي نه تيستائين مقتول ڪانھا ڪمار جا والدين زنده ھوندا به الائي نه؟ ملڪي اعلى ادارن  قانون انصاف فراھم ڪندڙ اعلى اختيارن کي اپيل آھي ته معصوم ڪانھا ڪمار جي خون سان انصاف ڪن ۽ بنا دير جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پھچائن ۽ آئنده لاءِ پيش ايندڙ اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت اپاءَ وٺن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.