درگاهن تان مليل سون جي ماليت معلوم نه هجڻ ۽ آڪشن نه ٿيڻ جو اعتراف

ڪراچي: عشرزڪوات کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو گذريل 20 سالن کان درگاهن تان مليل سون جي ماليت جي خبر نه هجڻ ۽ آڪشن نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته درگاهن تي نذراني سان گڏ سون به پوندو آهي، هن وقت تائين مليل سون جي قيمت جو ڪاٿو نه لڳايو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو چيو ته نذراني جي پيتن کي کولڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جنهن کي ايندڙ مهيني نوٽيفاءِ ڪيو ويندو، ڪميٽي ۾ سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي اسيمبلي ميمبرن کي به شامل ڪيو ويندو، هن چيوته نذراني جي پيتين جي چاٻي بئنڪ مئنيجر ۽ درگاهه جي مئنيجر وٽ هوندي آهي، اتان ملندڙ رقم سرڪاري اڪائونٽ ۾ ويندي آهي، باقي نذراني جي پيتين ۾ پوندڙ سون جي نيلامي نه ڪئي وئي آهي . هن چيو ته درگاهن تي ايندڙ پرڏيهين جو ڪو به رڪارڊ نه رکيو ويندو آهي، اهو ڪم وفاق ڪندو آهي.  جڏهن ته سوالن دوران جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي  پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو، ڊپٽي اسپيڪر  پ پ ميمبر پاڻ ۾اٽڪي پيا، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري چيو ته توهان لاڳاپيل سوال پڇا ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.