شهيد مريم مختار جي اڄ ڇهين ورسي

فيصل آباد(م ڊ)هوائي فوج جي پهرين عورت پائليٽ  مريم مختار شهيد جي ڇهين ورسي (اڄ) 23 نومبر تي ملهائي ويندي، مريم مختار شهيد جو  23 نومبر 2015 تي  پاڪ ايئر جو ايف سيون تربيتي جهاز معمول جي اڏام دوران ميانوالي ويجهو فني خرابي سبب تباه ٿيو هو، مريم مختار 18 مئي 1992 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي هئي،مريم مختار 2014 ۾ پاڪ ايئر فورس ۾ گريجوئٽ طور شموليت اختيار ڪئي هئي، سندس تعلق پي اي ايف 132 جي ڊي پائليٽ ڪورس سان هو جنهن ۾ 6 ٻيون عورت پائليٽ شريڪ هيون، هن خيراتي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور  حصو ورتو ۽ هڪ اهڙي تعليمي اداري جي مدد ڪندي هئي جنهن ۾ غريب ٻار تعليم ڪندا هئا،شهيد جي ورسي جي موقعي تي مختلف شهرن ۾ تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي ويندي

  • محمد ميان سومرو جي تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

سکر (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل سکر پيپلزپارٽي اميدوار اعجاز جکراڻي جي اليڪشن 2018 بابت درخواست تي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو آھي. اليڪشن ٽربيونل سکر جي اليڪشن 2018 ۾ اين اي 196 جيڪب آباد تي ھارائجي ويل اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ٽربيونل پيپلز پارٽي اميدوار اعجاز جکراڻي جي درخواست تي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو حڪم ڏنو آھي

  • سپرهاءِ وي تي حادثو، هڪ ڄڻو فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سپري هاءِ وي تي زرداري پئٽرول پمپ جي ويجهو روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، سندس لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي سندس عمر 35 سال ٻڌائي وڃي ٿي.

  • آءِ جي سنڌ مشتاق مھر جي سربراهي ۾ ٽيم پاران سعودي قونصل خاني جو دورو، قتل واقعي بابت بريفنگ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سال 2011 ۾ ڪراچي ۾ سعودي قونصل خاني جي ميمبر جي قتل  واقعي کانپوءِ سعودي عرب پاڪستان حڪومت کي قتل جي ٻيھر جاچ لاءِ درخواست ڏني وئي هئي ان کانپوءِ هڪ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، ڪالهه جاچ ٽيم آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر جي سربراهي ۾ سعود قونصل خاني جو دورو ڪيو ۽ سعود عرب کان آيل آعلي سطح ٽيم کي بريفنگ ڏني وئي، سنڌ پوليس جي شعبي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي عمر شاھد ٻاهران آيل ٽيم کي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني، پوليس موجب ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جاچ نتيجن بابت سعودي اختيارين کي آگاھ ڪيو ويندو، ڊي آءِ جي، سي ٽي ڊي چيو ته جي آءِ ٽي جو ايندڙ اجلاس 15 ڏينهن اندر ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.