بنگلاديش وائيٽ واش، شاهنواز ڏاهاڻي پهرين ئي اوور ۾ وڪيٽ وٺي ڏيکاري

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به بنگلاديش کي شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. شاهنواز ڏاهاڻي  پهرين ئي اوور ۾ وڪيٽ وٺي ڏيکاري. ڍاڪا ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته پاڪستان طرفان پهرين ميچ کيڏندڙ شاهنواز ڏاهاڻي 7 جي مجموعي اسڪور تي ميزبان ٽيم جي پهرين وڪيٽ ڪيري ڇڏي. پاڪستاني بالنگ اٽيڪ اڳيان بنگلاديشي بيٽسمين هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي. محمد نعيم 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، پاڪستان طرفان محمد وسيم ۽ عثمان قادر 2-2، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي ۽ حارث رئوف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري بال تي هدف پورو ڪري سيريز 0-3 تان کٽي ورتي. حيدر علي، سرفراز احمد ۽ افتخار احمد آخري اوور ۾ آئوٽ ٿيا. محمد نواز آخري بال تي چوڪو هڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.  لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي به ٽيم ۾ چانس ملي ويو. شاهنواز ڏاهاڻي کي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڊيبيو ڪيپ پيش ڪئي، جنهن کانپوءِ هن بنگلاديش خلاف بالنگ ڪرائيندي پهرئين ئي اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ وٺي ڇڏي. شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديشي اوپنر نجم الحسين کي ڪلين بولڊ ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.