نوازشريف ۽ مريم کي سياست کان ٻاهر رکڻ لاءِ اسڪيم ٺاهي وئي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف ۽ مريم کي سياست کان ٻاهر رکڻ لاءِ اسڪيم ٺاهي وئي، چيف جسٽس جي آڊيو سامهون اچڻ سان اسڪيم جي خبر پئجي وئي آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته نوازشريف ۽ مريم کي عظيم الشان اسڪيم جي تحت نشانو بڻايو ويو. وقت اچي ويو آهي ته غلطين کي صحيح ڪيو وڃي. قوم انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي، شهباز شريف چيوته اڳوڻي چيف جسٽس جي نئين آڊيو ٽيپ جو سامهون اچڻ ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن هڪ وڏي اسڪيم ذريعي نوازشريف ۽ مريم نواز کي ٽارگيٽ ڪري سياسي عمل کان ڌار ڪيو ويو. هاڻ هي وقت شين کي صحيح ڪرڻ جو آهي، قوم نظام ۽ انصاف طرفان ڏسي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.