پي ڊي ايم جو حڪومت خلاف ٻنهي پِچن تي کيڏڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومتي قانون سازي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سڀني جماعتن جي سينيئر اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله چيو ته حڪومت مخالف تحريڪ، ان جي نوعيت ۽ اثرائتي احتجاج تي مشاورت ٿي، اسان موجوده حڪمرانن مان قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي سڀاڻي سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.

هن چيو ته لاهور جلسو، لانگ مارچ، ڦيٿا جام، شٽرڊائون به ايجنڊا ۾ شامل آهن، چئني صوبن ۾ سيمينار ۽ ڪانفرنسون به ٿينديون، مارچ ۾ لانگ مارچ ٿي سگهي ٿو، ڌرڻو به اسان جي آپشنز ۾ شامل آهي.

سندس چوڻ هو ته گڏيل اجلاس ۾ ٿيندڙ قانون سازي تي سپريم ڪورٽ وينداسين، عدليا تي سوال اٿي رهيا آهن، اسان ٻنهي پچن تي کيڏنداسين، اندر به کيڏنداسين ۽ ٻاهر به کيڏنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.