ڄامشوري ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب

سڄي دنيا جيان ڄامشوري ۾ ”سيڙپڪاري پنهنجي مستقبل تي، سيڙپڪاري پنهنجي ٻارڙن تي“ جي سِري هيٺ ٻارڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

ايس او ايس ڄامشورو ۾ هر سال جيان هن سال به  تقريب ڪوٺائي جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

تقريب ۾ ايس او چلڊرين وليج ڄامشورو جي چيئرمين دوست محمد چانڊيو، ڊائريڪٽر ناياب جميل سومرو, ڊاڪٽر پرديپ ڪمار ۽ ٻين ٻارن جي پيدائش کان ويندي ان جي صحت، کاڌ خوراڪ، تربيت، تعليم ۽ ٻين ذميوارين بابت آگاهي ڏني

جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف گيتن تي پرفارمنس ڪندي  ٽيبلوز پيش ڪيا ان سان گڏ تقريري ۽ چٽا ڀيٽي جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا

پروگرام جي آخر ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا سرٽيفڪيٽ، شيلڊ ۽ مختلف تحفا پيش ڪيا ويا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.