گهوڙا ٻاري ۾ جسم اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي جي دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪانفرسن

گهوڙاٻاري ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٺٽو پوليس سرڪاري ونگار وهندي دهشتگردي جي ڪوڙي ايف آءِ داخل ڪرائي آهي، انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائي سياسي جدوجهد کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته جنهن وڳوڙن جو ڪيس مونتي داخل ڪيو ويو آهي ان وقت مان لاڙڪاڻي ۾ موجود هيس، پوليس زرداري ٽولي جي ذاتي نوڪر بڻجي وئي آهي.

سيد نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته منهنجو تعلق ھڪ پرامن سياسي پارٽي سان آھي اسان سدائين پرامن سياست ڪئي آھي، وطن جي ڳالهه ڪندڙن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اهڙي قسم جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن

جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ سيشن ڪورٽ ٺٽو کان اپيل ڪئي ته بيگناهه ڪيس ۾ نالو داخل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي فون رڪارڊ ۽ لوڪيشن معلوم ڪرائي وڃي ته سڀ حقيقتون پڌريون ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.