حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙن جون دليون کٽيون آهن: نوشين حامد

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر نوشين حامد معراج چيو آهي ته عوام مخالف ڌر جي ناڪاري سياست جو خاتمو ڪري ورتو آهي. حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏئي انهن جون دليون کٽي ورتيون آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته مخالف ڌر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

  • ڪراچي جي سولجر بازار جي دڪان ۾ باهه

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سولجر بازار 3 نمبر ۾ ڪي ايم سي مارڪيٽ جي دوڪان ۾ باهه لڳي وئي جنھن بعد باھ کي وسائڻ لا فائر برگيڊ طلب ڪئي وئي، فائر برگيڊ عملدارن موجب 2 فائر برگيڊ جي گاڏين جي مدد سان باھ کي وسايو ويو جڏهن ته باھ لڳڻ سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو، باھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

  • ڪراچي۾ مختلف واقعا ۽ حادثا، 5 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽر )  ڪراچي جي مختلف علائقن مان  3 ڄڻن جا لاش هٿ  ۽ روڊ حادثن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا . ناظم آباد جي علائقي نفسياتي اسپتال جي ڀرسان 40 سالن جي محمد محسن ولد نظام الدين جو لاش ھٿ، سائيٽ ايريا حبيب بينڪ ويجهو پل تي روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، سڃاڻپ امداد ولد محمد اصغر طور ٿي، اتحاد ٽائون جي حد ۾ خيبر چوڪ مل ايريا جي ويجهو 3 کان 4 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ميٺا در ٿاڻي جي حد بولٽن مارڪيٽ ڀرسان 50 سالن جي صابر علي ولد امير علي جو لاش مليو. پورٽ قاسم ٽرڪ اڏي جي ويجهو روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.