ٺل جهيڙي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ٺل ( ن ع آ ) ٺل ويجهو ڳوٺ ڪريم داد بنگلاڻي جي بنگلاڻي برادري جو جهيڙي جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ تي بي سيڪشن پوليس خلاف ڪريم داد بنگلاڻي عبدالحڪيم بنگلاڻي، عبدالجبار بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته جوابدارن سبز علي بنگلاڻي عبدالغفور عرف شريف بنگلاڻي,غلام رسول بنگلاڻي مٿان جهيڙي جو ڪيس داخل هجڻ باوجود به بي سيڪشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو جوابدار بااثر هجڻ ڪري اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پوليس کي ڪافي ڀيرا دانهيو آهي پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بجاء جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي هنن چيو ته جوابدارن ميهون به اسان جون زبردستي ڦريون ۽ فائرنگ ڪري اسان جي همراه ڪريم خان بنگلاڻي ۽ سندس پٽ عمران بنگلاڻي کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو جنهن جو ڪيس اسان بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجو به پوليس ان ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لنوائي رهي آهي هنن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.