روهڙي لڳ بدامني، 15 ڏينهن ۾ ٽين چوري، شهري پريشان

سکر( رپورٽر) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد مان چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آھي،  15 ڏينهن اندر ٽئين چوري ٿي وئي آھي. نامعلوم چور گذريل رات پٽڻي ٿاڻي جي ڀرسان عنايت ﷲ بلوچ جي مينهن جي واڙي مان پاڻي واري موٽر چورائي آساني سان فرار ٿي ويا، پٽڻي پوليس چوري واقعي کان بي خبر بڻيل آھي، علائقي واسين جو بدامني ۽ چوريون وڌي وڃڻ ڪري پٽڻي پوليس خلاف عنايتﷲ بلوچ، عبيدﷲ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو، مظاھرين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته پٽڻي ٿاڻي جي حد مان جوا جا اڏا بند ڪرائي ۽ چوري جي وارداتن کي روڪرائڻ لاءِ نوٽيس ورتو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.