معزز جج سياسي ميڙاڪن کان پري رهن: شهزاد اڪبر

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته معزز ججن کي سياسي ميڙاڪن کان پري رهڻ گهرجي، هڪ بيان ۾ هن عاصمه جهانگير جي ياد ۾ تعزيتي ڪانفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خطاب جي حوالي سان ردعمل ڏيندي هن چيو ته چيف جسٽس کانپوءِ هڪ مفرور شخص جو خطاب رکيو ويو، هن چيو ته نوازشريف جو خطاب رکڻ تي ڪانفرنس جي منتظمن جي غيرجانبداري تي سنجيده شڪ پيداٿيا آهن

  • نوازشريف جو خطاب، فواد چوڌري جو ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير فواد چوڌري لاهور ۾ جاري عاصمه جهانگير ڪانفرنس جي اڄوڪي تقريب ۾ شرڪت کان انڪار ڇڏيو آهي. فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته مون کي اڄ عاصمه جهانگير ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي فواد چوڌري چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪانفرنس جي پڄاڻي هڪ روپوش جوابدار جي تقرير سان ڪئي ويندي. ظاهر آهي ته اها ڳالهه ملڪ ۽ آئين تي چٿر ڪرڻ برابر آهي، تنهن ڪري مون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن  کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.